راما ٻائي

راما ٻائي

ڏيپلي ۾ پير پڇمائي مندر جوٻاهريون ۽ اندريون ڏيک

ڏيپلي ۾ پير پڇمائي مندر جوٻاهريون ۽ اندريون ڏيک

راما ٻائي

راما ٻائي: سنڌ جي سنتن ۾ راما ٻائيءَ جو به شمار ٿئي ٿو. راما ٻائيءَ جو جنم ڀارت جي گجرات پرڳڻي ۾ واگهڙ علائقي جي ڳوٺ کڙِيڙ ۾، 1929ع ڌاري لاڌارام ڪڇيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڏهن سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي يوگ وٺي رام پوڄا شروع ڪيائين. ان دوران اُن وقت جي مشهور سنت ’سوامي رامداس‘ کي هن پنهنجو گرو بڻايو. 1956ع ڌاري ڀارت ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ راماٻائيءَ جا مائٽ گجرات مان لڏي، سنڌ ۾، ٿر ۽ بئراجي علائقي جي ڪنڌيءَ، ڪلوئيءَ ويجهو ڳوٺ لس ۾ اچي رهيا ۽ اُتي هارپو ڪرڻ لڳا.
راما ٻائيءَ والدين سان گڏ هتي اچڻ کانپوءِ رام پوڄا جو سلسلو جاري رکيو. ان دوران ٽن مهينن تائين چلو به ڪڍيائين. هڪ مقامي ڀڳت ڀلجي رام، راما ٻائيءَ کي ڏيپلي شهر ۾ پير پڇمائيءَ (ڪڇ جي سنت) جي مڙهيءَ جو گادي نشين بڻايو، جنهن کانپوءِ، هوءَ اُتي مستقل ستسنگ ۽ عبادت ڪندي رهي. ان مڙهيءَ (مندر) ۾ لنگر عام هلندو هو، جيڪو غريب غربا کائي خوش ٿيندا هئا. ڏيپلي جي مکيه بازار ۾ موجود هن مندر ۾ اڄ به ڪيترا ساڌو ۽ سنت اچي عبادت ڪندا آهن.
راما ٻائيءَ، سنڌ ۾ جڏهن چلو ڪاٽيو هو، تڏهن ڪنهن اچي کيس سندس ڀاءُ همير جي مرڻ جي خبر ٻُڌائي. ڀاءُ جي مرڻ جي خبر ٻُڌندي ئي راما ٻائي چلو اڌ ۾ ڇڏي، ڀاءُ وٽ پهتي، اصل ۾ سندس ڀاءُ جـي دل ٻُـڏي وئـي هـئي، جنهنڪري ماڻهن سمجهيو ته هُو مري ويو آهي، راما ٻائيءَ رب کي ٻاڏايو ۽ هن ۾ ساهه وري آيو. ان واقعي کي عقيدتمندن راما ٻائيءَ جو چمتڪار (معجزو) قرار ڏنو. مائٽن راما ٻائيءَ جي شادي طئي ڪئي، پر هن شادي نه ڪئي ۽ پوڄا جاري رکيائين.
ورهاڱي کانپوءِ ٿر جي مشهور بزرگ پاربرهم جو ميلو بند ٿي چڪو هو، پر راما ٻائيءَ جي ڪوششن سان، 1956ع ڌاري اهو ميلو ٻيهر ڌام ڌوم سان لڳڻ شروع ٿيو ۽ هُن، ميلي ۾ عورتن جي شرڪت جي اجازت به ڏني. 1990ع ۾ راما ٻائي ڀارت جي گجرات پرڳڻي جي شهر ڌانيراءِ جي شري ڪرشن مندر ۾ وڃي رهي، جڏهن ته ڏيپلي واري مڙهيءَ جي گادي پنهنجي چيلي ’نرملانند‘ (لڌوءَ) جي حوالي ڪيائين.
راما ٻائيءَ کي ماڻهو عقيدت وچان ’ٻائي صاحب‘ به چوندا آهن.
راما ٻائيءَ جا چمتڪار هند سنڌ ۾ مشهور آهن. سندس وفات جي خبر ٻُڌڻ کانپوءِ ڏيپلي واري مڙهيءَ ۾ ڀڳتن: ڍالورام ۽ سالورام پاران ڀڳتيءَ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو، جڏهن ته گادي نشينيءَ وارو منصب نرملانند جي حوالي ڪيو ويو.
راما ٻائي، 2 جنوري 2013ع تي، 84 سالن جي ڄمار ۾ گجرات پرڳڻي جي ڳوٺ ڌانيراءِ ۾ وفات ڪئي. کيس اڳواٽ پنهنجي لاءِ جوڙايل سماڌيءَ ۾ رکيو ويو.
هند سان گڏ سنڌ ۾ به سندس لاڏاڻي جي خبر کي اخبارن وڏي اهميت سان شايع ڪيو، جتي اڄ به سندس هزارين عقيدتمند موجود آهن.


لفظ راما ٻائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2013.01.02  عيسوي

راما ٻائي، 2 جنوري 2013ع تي، 84 سالن جي ڄمار ۾ گجرات پرڳڻي جي ڳوٺ ڌانيراءِ ۾ وفات ڪئي. کيس اڳواٽ پنهنجي لاءِ جوڙايل سماڌيءَ ۾ رکيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور ڏنگڙائي
سيمي جمالي ڊاڪٽر
بهاول خان انڙ
خواجه نور افروز ڊاڪٽر
فاروق سولنگي
رحماني مفتي خان محمد
شاهه محمود قريشي
پونٽنگ رڪي ٿامس
ابڙو احمد خان شيدا
الهه بخش جنجهڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون