رامديو پير جو تصوراتي فوٽو

رامديو پير جو تصوراتي فوٽو

راما پير

پير رامديوَ/راماپير: رامديوَ پير جو جنم 1461ع جي وڪرمي سنبت جي چيٽ مهيني ۾ راجسٿان جي پوڪڻ نگريءَ جي راجا اجمل جي گهر ۾ ٿيو. رامديوَ ذات جو تنوَر راجپوت هو. هن کي ’راماپير‘ جي نالي سان بہ پڪاريو ويندو آهي. هند ۽ سنڌ جا هندو، هن کي ارجڻ پانڊوَ جو ٻاهترهون پرورڪار ۽ شري ڪرشن جو هڪ روپ بہ مڃيندا آهن. رامديو جي ماءُ جو نالو ميڻل ڏي هو، جيڪا جيسلمير جي راجا پمجي ڀٽيءَ جي ڌيءُ هئي. رامديو جي جنم بابت هڪ روايت آهي تہ پوڪڻ رياست جي راجا اجمل کي اولاد نہ هو. هڪ سال پوڪڻ ۾ ڪافي عرصي جي ڏڪار کان پوءِ برسات پئي ۽ هارين پنهنجا هر سنڀالي، ٻنيون پوکڻ شروع ڪيون. راجا اجمل قدرت جا نظارا ڏسڻ لاءِ جهنگ جو سير ڪرڻ ويو تہ جنهن بہ هاريءَ جي راجا اجمل تي نظر ٿي پئي تہ اُهو مُنهن موڙي ٻني پوکڻ بند ڪري گهر ڏانهن روانو پئي ٿيو. راجا اجمل پاران سبب پڇڻ تي هڪ هاريءَ کيس ٻڌايو تہ ”توهان وانجهيا يعني بي اولاد آهيو ۽ وانجهيي ماڻهوءَ جو مُنهن ڏسڻ سٺو سؤڻ ڪونهي، سو اسان جو ٻنيون آباد نہ ٿينديون ۽ اجايو اسان جو ٻج ضايع ٿي ويندو، ان ڪري واپس وڃي رهيا آهيون. راجا اجمل هاريءَ جي اها ڳالھہ ٻڌي دل ۾ ڏاڍو دکي ٿيو ۽ دوارڪا مندر (شري ڪرشن جي سڀ کان وڏي مندر) ۾ وڃي اولاد لاءِ ٻاڏائڻ لڳو تہ روايـت مـوجب اوچتو هڪ غيبي قسم جو آواز سندس ڪنن تي پيو تہ: ”وڃ، تـنهـنجـي اڱـڻ تي هڪ ٻار پيدا ٿيندو، جيڪـو تنھنجي ڀڳتـيءَ جـا جمـلـي ڪـوڏ پـورا ڪندو.“ ڪجهہ مهينن کان پوءِ راجا اجمل جي گهر هڪ ٻالڪ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو ’ويرم ديوَ‘ رکيو ويو. اها بہ عقيدتمندن وٽ روايت آهي تہ ڇھن مهينن کان پوءِ رامديو پير هڪ ٻالڪ جو روپ وٺي، ڪرشمي طور چلھہ تي اڀامندڙ کير جو ديڳڙو لاهي، ويرم ديوَ سان گڏ پينگهي ۾ سمهي پيو. راجا اجمل کي ان ڳالھہ جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، ۽ هُو اهو لقاءُ ڏسي سمجهي ويو ۽ پنھنجي زال ميڻل ڏي کي چيائين تہ راڻي! اڄ اسان جي گهر سونو سج اُڀريو آهي. ٻالڪ جي سڃاڻپ پير ۾ هڪ مخصوص قسم جي ’ريک‘ مان ڪيائون، جيڪا جوتشين کيس اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي هئي. راجا اجمل ۽ سندس زال، ان ٻار کي پالڻ شروع ڪيو ۽ سندس نالو ’رامديوَ‘ رکيائون. رامديو پنھنجي ڀاءُ ويرم ديوَ سان کينهُون راند کيڏندو هو ۽ جڏهن هُو وڏو ٿيو تہ گهوڙي تي سواري ڪندو هو ۽ هٿ ۾ لَڪُڻ کڻندو هو. جيئن تہ هُو هڪ اوتاري پُرش هو، ان ڪري اڪثر ڪرشما (پرچا) ڏيکاريندو هو. رامديو جا ڪجهہ مشھور ڪرشما (پرچا) هيٺ ڏجن ٿا: (1) هن کينهون راند کيڏڻ دوران ان وقت جي پاپي راڪشسڀيروي‘ کي بہ ماريو. (2) هڪ ڏينهن پنھنجي ڀاءُ ويرم ديو سان گڏ چوپٽ راند کيڏي رهيو هو تہ اوچتو سمنڊ ۾ ٻڏندڙ هڪ واڻئي جو آواز سندس ڪنن تي پيو ۽ رامديو هٿ ڊگهيري ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تاريو. جڏهن اها ٻيڙي شھر جي ويجهو پهتي تہ رامديو شھر جي ٻاهران چوڪيدار جي روپ ۾ ٽيڪس وٺڻ لاءِ بيهي رهيو. واڻئي ٽيڪس ڏيڻ کان بچڻ لاءِ اناج بدران لوڻ ڄاڻايو ۽ اڳتي هلي ڏٺو تہ اناج ۽ ٻيو سڀ سامان لوڻ ۾ بدلجي چڪو هو. (3) هڪ ڀيري هڪ واڻيو پنھنجي زال سان گڏ واپار تي وڃي رهيو هو تہ رستي تي چور واڻئي کي ماري پئسا ۽ زيور ڦُري ويا. واڻئي جي زال جي پُڪارڻ تي رامديو هُنن جي واهر ڪئي ۽ چورن کي ماري، ڦُريل سامان واپس ڪرايو. (4) رامديو جي سماڌي وٺڻ جي خبر جڏهن سندس ماسات هڙٻُو کي پئي تہ هُو رڻوجا ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي رامديو کيس گهوڙا چاريندي مليو. رامديو جي شادي عمرڪوٽ ۾ ان وقت جي سوڍي حاڪم جي ڌيءُ نيتل ڏي سان ٿي، جيڪا اڳ ۾ لُولي (اپاهج) هوندي هئي، پر شاديءَ جي ڦيرن جي وقت صحتياب ٿي وئي. رامديو پير 54 سالن جي عمر ۾ 1515ع جي بڊي مهيني جي اگيارس تٿ تي رڻوجا ڳوٺ ۾ سماڌي ورتي. رامديو جا ڀڄن هرجي ڀاٽيءَ لکيا آهن. راجسٿان، مڌيه پرديش، گجرات ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رامديو پير جا ڪيترائي مندر ٺهيل آهن ۽ هر سال وڪرمي سنبت جي ڀڊي مهيني جي اگيارس تِٿ تي ميلو لڳي ٿو. سنڌ ۾ رامديو پير جو وڏو ميلو ٽنڊي الهيار ۾ لڳي ٿو. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان ياتري ڇڙيون کڻي ايندا آهن. هي ميلو ٽي ڏينهن هلي ٿو. لنگر، ڀاوَ ۽ ڀڳتي ٽيئي ڏينهن جاري رهي ٿي. ان کان سواءِ عمرڪوٽ، ڏيپلي، اسلام ڪوٽ کان اڳتي، ڳوٺ مگهي ڀيل، ننگرپارڪر ويجهو ڪاسٻي ۾ بہ ميلو لڳندو آهي.


لفظ راما پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1461.00.00  عيسوي

رامديوَ پير جو جنم 1461ع جي راجا اجمل جي گهر ۾ ٿيو


1515.00.00  عيسوي

رامديو پير 54 سالن جي عمر ۾ 1515ع تي رڻوجا ڳوٺ ۾ سماڌي ورتي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي نواز خان چاچڙ
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
راءِ گنگاجر جکرو
محمد اسلم ڀوتاڻي
جعفري ضمير
برڪلي
ڀواني شنڪر
سھجرام توشڪچي
ڀاٽيا وملا پرسرام
جهانگي خان وڏيرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون