رامسي تلسي

رامسي، تلسي (هدايتڪار): هن هندستاني فلمي هدايتڪار جو جنم 29 جولاءِ 1944ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ اڪثر هندو گهراڻن سان گڏ سندس خاندان بہ هندستان وڃي آباد ٿيو. هن پنھنجي تعليم هندستان مان حاصل ڪئي ۽ پيشي جي حوالي سان فلم انڊسٽريسز جي شعبي جو انتخاب ڪيائين. بالي ووڊ جي فلمي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ خوف، ڊپ، تجسس ۽ سنسني خيز موضوعن تي مشتمل فلمن جي هدايتڪار طور ڪئي ويندي آهي. هن 1980ع کان 1990ع وارن ڏهاڪن ۾ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري بيشمار دهشت آميز فلمون ٺاهي خوفناڪ فلمن جو رواج عام ڪيو، جن کي ڏسندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملي. سندس ڊائريڪٽ ڪيل فلمن ۾ پيننگلان 1967ع، نقلي شان 1971ع، دو گز زمين ڪي نيچي 1972ع، انڌيرا 1975ع، دروازا 1978ع، اور ڪون؟ 1979ع، گيسٽ هائوس 1980ع، ثبوت 1980ع، دهشت 1981ع، سناٽا 1981ع، هوٽل 1981ع، گهنگهرو ڪي آواز 1981ع، پرانا مندر 1984ع، ٿري ڊي سامري 1985ع، تھہ خانا 1986ع، ويرانا 1988ع، پراني حويلي 1989ع، بند دروازا 1990ع، عجوبہ قدرت ڪا 1991ع، پوليس مٽو دادا 1991ع ۽ مھا ڪال 1993ع شامل آهن. 1993ع ڌاري هن هڪ نجي هندستاني چئنل زي. ٽي. وي ذريعي ننڍي پردي لاءِ بہ خوفناڪ ڊرامن جي سيريز ڊائريڪٽ ڪئي. هدايتڪاريءَ کان علاوہ سندس لاڙو فلمن جي پرڊڪشن طرف پڻ رهيو، جن ۾: آتما 2006ع، بند دروازا 1990ع، تھہ خانا 1986ع، ٿري ڊي سامري ۽ هڪ ٻئي فلم ’انسپيڪٽر ڌنش‘ جو پروڊيوسر ۽ ليکڪ پڻ رهيو آهي. ممبئيءَ ۾ انڌيري جي علائقي ۾ تلسي رامسي نالي سان سندس پروڊڪشن هائوس پڻ قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.07.29  عيسوي

هندستاني فلمي هدايتڪار, رامسي تلسي جو جنم 29 جولاءِ 1944ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحق عالماڻي
شاھہ حسين بخاري جو مقبرو
درازي سخي قبول محمد چوٿون
دارا-I
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
شھمير خان ڀنگوار
ڪوشي لالواڻي
خان محمد بروهي 2
دين محمد بُٺوي
جوزف اسٽالن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون