رامچندر ڀڳت

رامچندر ڀڳت: ڀڳت رامچندر ذات جو لُهاڻو ۽ ڳوٺ ”چر“ تعلقي ساماري ضلعي ٿرپارڪر (هاڻي ميرپورخاص) جو رهاڪو هو. سندس جنم 1765ع ڌاري ٿيو. رام چندر جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي ڀڳتيءَ ڏانهن مائل هئي، سو جوانيءَ ۾ قدم رکندي ئي اچي صوفي ”صادق“ فقير جو مريد ٿيو. پنھنجي نيڪ نيتيءَ، اندر جي اجرائي ۽ جهد جي ڪري، صادق فقير جي ٽن مشھور وڏن (ڪبيرن) خليفن مان هڪ هو. سندس فقيريءَ جا عجيب لقاءَ هئا. ظاهري طرح تہ ڀڳت هندو هو پر نماز پنج وقت ئي پڙهندو هو ۽ مراقبو ڪندو هو. گهٽ کائڻ، ٿورو سمهڻ ۽ محنت مزدوري ڪرڻ سندس خاص عادتون هيون. سندس معاش جو ذريعو گهور ڪرڻ هو. ڏينهن جو گڏھہ تي معمولي وکر وجهي ڳوٺن ۾ وڪڻڻ ويندو هو ۽ رات جو اچي مرشد جي حاضريءَ ۾ رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تہ گهور جي سانگي پري وڃي نڪرندو هو. حالانڪہ صادق فقير جو فقيراڻو گنج ۽ ننگر اڻکٽ هو ۽ ڀڳت جيڪڏهن گهور ڇڏي، فقير صاحب وٽ ويهي رهي ها تہ بہ کيس کاڌو ۽ ڪپڙو پيو ملي ها، پر ڀڳت جي طبيعت محنت ۽ مزدوريءَ کان سواءِ مفت جي ماني کائڻ تي ڪڏهن بہ راضي نہ ٿي. هن ڀڳت جي وسيع المشربيءَ سخا جون ڪيئي ڪهاڻيون پيون ٻڌجن، ڀڳت رامچندر هڪ بيوه سيده خاتون جي ڏکئي وقت ۾ جيڪا خدمت ڪئي، اها بيمثال آهي. هن جي انهيءَ نيڪي، سخا ۽ خدمت جو داستان ڊگهو آهي. ڀڳت رامچندر، صادق فقير جي وفات کانپوءِ ٽي سال حيات رهيو ۽ 1851ع ڌاري پرلوڪ پڌاريو. ڀڳت صاحب سنڌيءَ جو شاعر هو. سندس شاعري بيتن تي مشتمل آهي. سندس بيت سادا ۽ سريلا آهن. ڀڳت ظاهري طرح هندو هو، پر مٿس مسلم فڪر غالب هو، حقيقت ۾ هي هڪ صوفي انسان هو. سندس هيٺين بيتن مان اهڙو اندازو ڪري سگهجي ٿو: ڪلمو وڏي قرب مان، ڀائي ويٺو ڀر، اها راھہ ”رامچندر“ چئي، آهي پيغمبريءَ پر، گروءَ سندو گهر، اٿئي اندر جي اوطاق ۾. ڪلمي سڀ ڪڪوريا، خواجا نبي ۽ شاھہ، لڳن رنگ ”رامچندر“ چئي، اندر ٿيا اجها. ڀڃي سڀئي ڀاءَ، نسورو ئي نور ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو