رامچند ايم ڪيولراماڻي

رامچند. ايم. ڪيولراماڻي: رامچند ڪيولراماڻي 2 آڪٽوبر 1884ع تي ڀرياسٽي، موجوده ضلعي نوشهري فيروز (ضلعي نوابشاهه) ۾ جنم ورتو. انٽر کانپوءِ بي. اي سول انجيئرنگ تائين پڙهيو. ورهاڱي سبب هندستان لڏي ويو ۽ بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ مان لڏڻ کانپوءِ هندستان اندر هن سنڌي هندن جي بحاليءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. ٽيليگراف ۽ پوسٽ جي کاتن ۾ ملازمت ڪيائين، جتي ترقي ڪندو ڊائريڪٽر جي عهدي تي رسيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
هن 1938ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ سيتارام پرڪاش هائير سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪل پونجي وقف ڪري اسڪول کي مٿانهين سطح جو تعليمي ادارو بڻايو. ورهاڱي بعد وديالا پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ ساڳئي نالي سان اسڪول شروع ڪيائين ۽ ان اسڪول ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ کي يقيني بڻايائين. هي اسڪول پهريان مسواڙي جڳهه ۾ هو، جنهن کانپوءِ اسڪول جي عمارت قائم ڪري، پنهنجي خداداد صلاحيتن سان اسڪول کي بمبئيءَ جي اعلى تعليمي اداري طور مڃرايائين. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ عام ڀلائيءَ جا ڪم ڪيائين، سدائين غريبن جو هڏڏوکي ۽ عام خدمت جي ڪمن ۾ پيش پيش رهندو هو. عام ماڻهن جي اهنجن ۽ تڪليفن کي پنهنجو ڪري ڀائيندو هو. هن پنهنجون سڀ توانائيون تعليمي واڌاري لاءِ ڪتب آنديون. رٽائرمينٽ بعد گھڻو وقت اسڪول ۾ گذاريندي شاگردن جي تربيت ڪندو هو. شاگردن سان سندس رويو دوستاڻو هوندو هو، هو کين پڙهائڻ لاءِ همٿائيندڙ، والدين جيترو پيار ڏيندڙ ۽ هڪ رهبر جو ڪردار ادا ڪندو هو. ڪيترن ضرورتمند شاگردن جي سهائتا ڪئي ۽ کين پڙهائِيءَ جا ڀرپور موقعا فراهم ڪيا.
رامچند ڪيولراماڻيءَ جي حيثيت سماجي خدمتگار ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ نه ٿڪجندڙ شخص واري آهي.
رامچندر ڪيولراماڻيءَ جي وفات کانپوءِ سندس پوٽن مان پرڪاش اسڪول جي سنڀال پنهنجي ذمي کنئي آهي، جيڪو ان اسڪول جو اڄ به ٽرسٽي آهي. رامچند ڪيولراماڻيءَ 1965ع ڌاري بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس خاندان وديالا پاڙي بمبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.10.02  عيسوي

رامچند ڪيولراماڻي 2 آڪٽوبر 1884ع تي ڀرياسٽي، موجوده ضلعي نوشهري فيروز (ضلعي نوابشاهه) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرزادو ميان عبدالرحمان
قائداعظم محمد علي جناح
شاهد آفريدي
جادوگر
دين محمد بروهي
جهمٽ مل واڌواڻي
اقليدس
خان خانان مرزا عبدالرحيم
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
سيد علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون