رامڪلي سُر

رامڪلي (سُر): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هڪ سُر. هيءُ ’سلوڪ‘ جو سُر آهي. يعني سالڪن ۽ سندن منزل مقصود تي پهچڻ واري پنڌ جو سُر آهي. سُر پورب وانگر سُر رامڪليءَ ۾ به سالڪن کي هندو فقيرن جي تمثيل سان جوڳي، سنياسي، سامي، آديسي ۽ ڪاپڙيءَ جي نالن سان ياد ڪيو ويو آهي. مجموعي طور رامڪلي ۽ سُر پورب ٻنهي سُرن جو موضوع ۽ ماحول ساڳيو آهي، پر معنوي لحاظ کان سُر رامڪلي، سُر پورب کان وڌيڪ وسيع معنيٰ وارو سُر آهي، جو ان ۾ سچن فقيرن جا وڌيڪ اهڃاڻ ڏنل آهن ۽ ناقص جوڳين کي تنبيهه ڪيل آهي. هن سُر ۾ کين سچي ۽ پڪي ٿيڻ جا سبق سيکاريل آهن. سر پورب ۾، پورب ئي منزل مقصود آهي. سُر رامڪليءَ ۾ پڻ پورب، سالڪن ۽ فقيرن جي خاص منزل آهي، پر ان سان گڏ فقيرن جي عملي ڪردار جي تشريح ڪيل آهي. سڀ کان وڌيڪ ۽ خاص ذڪر يوڳ ۽ جوڳين فقيرن جو آهي. ڪن داستانن جا شروعاتي بيت سناسين (داستان 3)، سامين (داستان 4) يا ڪاپڙين (داستان 6) جي نالن سان آهن. پر اهي سڀ متبادل نالا آهن. سر پورب توڙي سر رامڪليءَ ۾ جوڳين، پوربين، سامين، سناسين، آديسين، ڪاپڙين، بابن يا ويراڳين جا نالا جدا جدا فرقن سان ڪتب آندل نه آهن. ڀٽائيءَ جي رسالي جي هن سُر ۾ ست داستان آهن. جن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي:
داستان پهريون: 43 بيتن ۽ هڪ وائي تي مشتمل هن داستان ۾ نهايت اهم ۽ اعليٰ فڪر وارو نظريو سمايل آهي، جيڪو نه فقط هن داستان جو بلڪ سڄي سُر رامڪليءَ جو روح آهي. پهرئين بيت ۾ ئي ڄڻ سموري سُر جو مطلب نروار ٿيل آهي:
جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،
ٻَري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ.
هن جهان ۾ جوڳي هڪڙا نوري ۽ ٻيا ناري آهن، يعني هڪڙن ۾ نُور (روشني) آهي، جيڪا راهه ڏيکاري ٿي ۽ ٻين ۾ باهه واري تپش ۽ تيزي آهي، جيڪا جلائي ۽ منجهائي ٿي. هڪڙا سچا جوڳي آهن، جيڪي انسانذات لاءِ روشني ۽ رحمت آهن ته ٻيا ڪوڙا آهن، جيڪي ماڻهن لاءِ گمراهي ۽ زحمت آهن.
هن بيت جي ٻيءَ سٽ ۾ اهڃاڻ ڏنل آهي ته سچا جوڳي ۽ سچا سالڪ فقير اهي آهن، جن پاڻ ’ٻرَِي ٻين لاءِ ٻارِي‘ يعني هنن پاڻ کي ٻاري ٻين لاءِ روشني ڪئي. شاهه صاحب پنهنجو جيءُ به انهن سچن سالڪن سان ڳنڍي ٿو ۽ چوي ٿو ته ’آءُ نه جيئندي اُن ري‘، سڄي داستان ۾ انهن سچن جوڳين ۽ سالڪن جا پار اطوار ڏنل آهن ۽ ساڻن سڪ، پريت ۽ پيار جا چٽا نشان ڏنل آهن.
داستان ٻيو: هن داستان ۾ 38 بيت ۽ ٻه وايون شامل آهن. هيءُ داستان شاهه صاحب جي اعليٰ بصيرت ۽ سلوڪ ۾ معرفت جو آئينو آهي، هن داستان ۾ خود جوڳيءَ کي سبق پڙهايا ويا آهن ته سچو جوڳي ڪيئن ٿجي ۽ سچي جوڳي ٿيڻ لاءِ ڪهڙن اصولن، عقيدن ۽ اطوارن جي ضرورت آهي.
داستان ٽيون: هن داستان ۾ 20 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن داستان جي شروع ۾ سچن سالڪن ۽ درويشن جي ڌڻيءَ در بندگي، زهد ۽ عبادت جو ذڪر آهي ۽ ان بعد سندن ٻين وصفن ۽ سلوڪ جي مٿاهينءَ منزل تي پهچڻ جا پار ڏنل آهن. اهي اهڃاڻ خاص طرح قرآن شريف جي آيتن، صوفين سڳورن جي قولن ۽ تصوف جي چونڊ اصطلاحن ذريعي ڏنل آهن. جن مان شاهه صاحب جي تصوف بابت ڄاڻ تي روشني پوي ٿي.
داستان چوٿون: هن داستان ۾ 24 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن داستان ۾ سچن سالڪن فقيرن (جوڳين، سامين، آديسين، سناسين، ڪاپڙين) جي سلوڪ واري حال جا اهڃاڻ ۽ اشارا ڏنل آهن. اهي فقير، هيڪڙائي حق حاصل ڪرڻ لاءِ گوندر ۽ غم ۾ رهن ٿا، هنن دنيا جي لوڀ کان پاڻ کي آجو ڪري هڪ رام (ڌڻي) کي ئي روح ۾ رکيو آهي. هڪ اهڙو وڏي درد وارو سالڪ جوڳي، جنهن جو سارو ڌيان پنهنجي ڌڻيءَ ۾ آهي. تنهن جي حال جو مثال شاهه سائينءَ هن سر ۾ هيٺينءَ ريت ڏنو آهي:
جوڳيءَ کي جُڳ ٿيا، مٿي سين ميري،
اکيون الک سامهيون، ڀون ڏي نه ڀيري،
ڪَڪا وار ڪلهن تي، ڄراٽئا ڄيري،
لڙڪ لال لطيف چئي، ڪنبي ۽ ڪيري،
نينهن نه نبيري، سور چري، تئن سَنَرو.
داستان پنجون: هن داستان ۾ 29 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي، هن داستان ۾ جوڳين، سناسين، آديسين، سامين ۽ ڪاپڙين جي نالن سان سچن سالڪن فقيرن جي سلوڪ واري حال جا وڌيڪ اهڃاڻ ڏنل آهن، جن مان خاص اهو اهڃاڻ ته هنن سُک ۽ ڍؤ بدران بک ۽ ڏک قبوليا. هنن تن کي تسيا ڏنا ۽ پيٽ کي ڪسا ٻڌا، هنن پنهنجو ڏيل ائين ڏٻرو ڪيو. اهي سالڪ پنهنجي پر ۽ پنڌ ۾ پورا آهن. سندن سڄو ڌيان ۽ نظر سندن آخري منزل ۽ مقصد تي آهي. هو اها وڏي راز واري ڳالهه ڪنهن سان ڪين ٿا سلين ۽ جيڪي ڳالهائين ٿا، سو ڳجهارت ۾ ئي ٿا ڳالهائين، بک انهن جي بکيا آهي ۽ قوت (کاڌي) کان هو ڪڙايل آهن.
داستانَ ڇهون: هن داستان ۾ 26 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هن داستان جي شروع ۾ ڪن ڦاڙ فقيرن جي نالي سان سچن سالڪن جا اهڃاڻ ڏنل آهن. ڪَنَ ڦٽيل، ڪَنَ ڦاٽل ڪاپڙين جا جدا جدا فرقا آهن، پر هتي ڪن ڦٽيل ڪن ڦاٽلن جو نالو فرقي طور آيل ناهي. پر سلوڪ جي راهه ۾ هلندڙ سالڪن فقيرن جي نالي طور آندل آهي. اڳتي هيٺ داستان ۾ آديسين سامين، ويراڳين ۽ سناسين جا نالا به ساڳيءَ طرح سالڪن، فقيرن طور آندل آهن.
داستان ستون: هن داستان ۾ 19 بيت ٻه وايون شامل آهن. هن داستان ۾ اهو اهڃاڻ ڏنل آهي ته اهي وڏا سالڪ فقير وڃڻ وارا آهن، انهيءَ ڪري اي چاهيندڙ! تون سندن محبت ۾ ويهه ۽ انهن کان ڪجهه پراءِ، جي هو هليا ويا ته سندن وري موٽي ملڻ مشڪل آهي. هن سُر ۾ شامل هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
مران مٿو پٽيان، نهاريان نيڻانِ،
سُخنَ جي سندانِ، آءٌ نه جيئندي اُن ري.


لفظ رامڪلي سُرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو