رام باغ ڪواٽرس

رام باغ ڪواٽرس

رام باغ ڪواٽرس

رام باغ ڪواٽرس: ڪراچيءَ ۾ آرٽلري ميدان وارن ڪوارٽرن سان گڏ ئي رام باغ ڪوارٽرس ٺهيل آهن. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ ڪراچيءَ جا ٻہ حصا ليکيا ويندا هئا. هڪ ڳوٺ ۽ ٻيو ڪئمپ وارو حصو، جيڪو پوءِ ڪئنٽونمنٽ ڪري سڏجڻ لڳو. 1855ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ سر بيلاسس کي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو تہ هن پهريون قدم کڻندي ڪراچيءَ کي شھر (Town) جو درجو ڏنو ۽ ٻهراڙين ۾ ڪوارٽر يا رهائشي پاڙا ٺهرايائين. اهي پاڙا هڪ جامع رٿابنديءَ جو نمونو هئا. هن ڪل 14 پاڙن جا ڪوارٽر ٺهرايا. اهي ڪوارٽر ڪنٽونمينٽ کان الڳ هئا. هنن پاڙن ۾ سراءِ وارو حصو بہ شامل هو. اهي پاڙا جيڪي اڳتي هلي ڪوارٽرس سڏيا ويا، اُنهن ۾ (1) سول لائينز، (2) رام باغ، (3) ريلوي، (4) ڪياماڙي، (5) گِزري، جنهن ۾ گزري بندر بہ شامل هو، (6) منهوڙو، (7) مڇي مياڻي، جنهن ۾ پراڻي ڪراچي ڳوٺ (Town) جو اولھہ وارو حصو شامل هو، (8) بندر، (9) نيپئر، (10) جيل، (11) گارڊن، (12) لياري، جيڪو لياري نديءَ جي اترندي ڪناري تي ڌوٻي گهاٽ کان هاءِ اسٽيڪس (Hay Stacks) تائين، (13) سراءِ ۽ (14) اولڊ ٽائون ڪوارٽرس شامل آهن.
انهن ڪواٽرس جي ويجهو ٽي وڏا تلاءَ موجود هئا، انهن ٽن تلائن مان ’رام باغ تلاءُڪافي مشھور هو، جنهن جي نالي پٺيان انهن ڪواٽرس جو نالو ’رام باغ ڪوارٽرس‘ پيو. باغ ڪواٽرس'>رام باغ ڪواٽرس جي اتر ۾ بندر روڊ، اولھہ ۾ ڪچهري روڊ ۽ ايليفنسٽن روڊ ۽ اڀرندي ۾ برنس روڊ آهي. ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جي عمارت، انهن ڪواٽرس جي مشھور عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا اسٽريچن ۽ ڪچهري روڊ جي وچ تي واقع آهي. 1893ع ڌاري جنهن جاءِ تي اهو ڪاليج ٺاهيو ويو، اتي 1870ع ۾ باغ هو. رام باغ 9 ايڪڙن تي ڦهليل هو، ان جي چوڌاري مندر، کوھہ ۽ ماڻهن جي رهائش هئي. ان تلاءَ جي ويجهو ٽي کوھہ هئا ۽ پنج کوھہ ٻيا بہ ان جي چوڌاري ورهايل هئا، جڏهن تہ 10 ٻيا کوھہ هئا، جيڪي 5 ايڪڙن تي ڦهليل ڇڙوڇڙ ايراضيءَ تي واقع هئا. رام باغ تلاءَ جي پاڻيءَ جي ليول زميني سطح کان ڇھہ فوٽ هيٺ هئڻ ڪري هيءُ تلاءُ ڪراچيءَ ۾ مينهن جي پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ ۽ ويجهن علائقن مان پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. رام باغ تلاءَ جي ماتحت سڄو علائقو الهندي کان رام باغ روڊ، اتر کان بندر ۽ رابنسن روڊ، اوڀر کان برنس روڊ هو. ڪراچيءَ جي مشھور باغن ۾ رام باغ کان سواءِ هڪ ڊاڪٽر برنس باغ هو، جيڪو لڳ ڀڳ 26 ايڪڙن تي مشتمل هو، ان باغ تي اهو نالو ڊاڪٽر برنس جي ڪري پيو، جو 1928ع ۾ ڊاڪٽر برنس، مير مراد علي خان جو علاج ڪيو هو ۽ اهو باغ ان ڊاڪٽر جي نالي منسوب ڪيو ويو هو. 1960ع ڌاري ان باغ جي ايراضي گهٽائي اتي قومي ميوزم ٺاهيو ويو.


لفظ رام باغ ڪواٽرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو