رام بـخـشـاڻي

رام بـخـشـاڻي

رام بـخـشـاڻي ڊاڪٽر

رام بـخـشـاڻي: مشھور سماج سڌارڪ، سرمائيدار ۽ اسٽيج اداڪــار، رام بخشاڻيءَ 2 سيپٽمبر 1941ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. ھُو ڇھن سالن جو ھو تھ سندس والد وفات ڪري ويو. ورھاڱي بعد سندس ماءُ گهر ڀاتين سميت سنڌ ڇڏي ڀارت ھلي وئي، جتي پھرين مدراس ۽ پوءِ بڙودا ۾ رھائش اختيار ڪئي. ھن جي ماءُ غربت باوجود کيس ڪجهھ قدر تعليم ڏياري. ان دوران ھن ٽائپنگ سکي ورتي. کيس پھرين نوڪري ھڪ انجينئرنگ ڪمپنيءَ ۾ 75 روپيا ماھوار پگهار تي ملي. 1959ع ۾ کيس دبئيءَ ۾ ھڪ سنڌي سرمائيدار جي آءِ. ٽي. ايل ڪمپنيءَ ۾ 125 روپيا ماھوار پگهار تي آفيس اسسٽنٽ طور نوڪري ملي. جتي هو ڪمپنيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ آفيس مان ٽائيم ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڃي واپارين سان ملندو هو. لاڳيتو 26 سال ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ کيس ترقي ڏئي ڊائريڪٽر بڻايو ويو. ان کانپوءِ ڪمپنيءَ جو ايگزيڪيٽو، چيئرمئن، آءِ. ٽي. ايل ڪاسموس گروپ جو صدر ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين جو چيئرمئن ۽ ڊائريڪٽر رهيو. هو ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. دبئيءَ ۾ ڪيترن سنڌي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪيو. ھن دبئيءَ ۾ ھڪ ڪلچرل آرگنائيزيشن ’اسين سنڌي‘ جو بنياد رکيو. جنھن تنظيم طرفان ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪرايا ويا ، جن ۾ سنڌ ۽ ھند جي سنڌي فنڪارن حصو ورتو. ھن پنھنجي ماءُ جي نالي سان ’ايشوري ٻائي بخشاڻي ٽرسٽ‘ قائم ڪيو، جنھن پاران سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن کي ھر سال مڃتا طور اوارڊ ڏنا ويندا آھن. سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف ادارن ۽ تنظيمن جي مالي مدد ڪندو هو. رام بخشاڻي، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ٽرسٽي پڻ هو. هن نوڪري دوران تعليم جاري رکي ۽ واشنگٽن يونيورسٽيءَ مان بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ Ph.D ڪئي. ‘Taking the High Road’ جي نالي سان پنھنجي آتم ڪٿا لکي، جنھن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو قمر شھباز ‘آکيرا آڪاس ۾’ نالي سان ڪيو. رام بخشاڻي 7 جولاءِ 2024ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو