رام رامچندر

رام رامچندر

رام رامچندر

رام/ رامچندر: شري رام، هندو ڌرم ۾ وشنو ڀڳوان جو ستون اوتار ليکيو وڃي ٿو. ’رام‘ (Rama) جو لفظي مطلب ’سفيد‘ آهي. رام جي هندو ديوتائن ۾ سڀ کان وڌيڪ پوڄا ڪئي ويندي آهي، کيس سورهيائي ۽ پاڪبازيءَ جو مجسم سمجهيو ويندو آهي. هندو روايت ۾ ٽي رام آهن: پرسورام، ٻلرام ۽ رام چندر. پر ’رام‘ لفظ خصوصي طور شري ’رامچندر‘ لاءِ ئي ڪتب اچي ٿو. رام جي ڪهاڻي، مهاڀارت ۾ مختصر ملي ٿي ۽ عظيم رزميه داستان ’رامائڻ‘، رام جي سيتا سان محبت جي ڪهاڻي آهي.
هندو ڌرم جي پراڻن جي تسلسل ۽ روايتي عقيدي موجب رام ڀڳوان، تريتا يگ ۾ موجودہ ڀارت جي ايوڌيا نگريءَ ۾ راجا دسرٿ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. وشنومت مطابق ڏکڻ ايشيا ۽ هندستان ۾ رام کي سمورن ديوتائن ۽ ڀڳوان جي اوتارن ۾ وڌيڪ شھرت يافتہ مڃيو ويو آهي. کيس هندوڌرم ۾ ’مريادا پرشوتم‘ پڻ چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آدرشي، اصول پرست ۽ فرمانبردار آهي. رام جي سموري زندگي، ڪمن ۽ ڪارنامن کي سڀ کان اڳ والميڪ رشيءَ تحرير ڪري ’رامائڻ‘ لکي، جنهن کي هندو ڌرم ۾ مقدس ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. والميڪ رشيءَ کي بہ شري رام جي دور جو رشي مڃيو ويو آهي. جديد تحقيق موجب رام 5000 سال اڳ ٿي گذريو آهي ۽ اهو بہ ٻڌايو وڃي ٿو تہ کانئس ٿورو اڳ ’اٿر ويد‘ لکجي مڪمل ٿي چڪو هو.
رام جي وشنويءَ جي اوتار وارا حوالا ابتدائي عيسوي صدين جا آهن، پر 11 صديءَ کان اڳ سندس ڪا خاص پوڄا نہ ٿيندي هئي، ۽ چوڏهين، پندرهين صديءَ ۾ کيس هڪ مطلق ديوتا طور احتام ڏيڻ وارا فرقا پيدا ٿيا. رام جي مقبوليت سنسڪرت جي رزميه داستانن وسيلي وڌيڪ پکڙي، جن ۾ تلسيداس جي رامائڻ (رام چرت مانس) اهم آهي. رام ۽ ڪرشن (وشنوءَ جو هڪ ٻيو اوتار) ڀڳتي تحريڪ جي عقيدت جا مرڪز آهن. رام کي راست عقل، راست قدم ۽ اعليٰ وصفن جو مجسم سمجهيو ويندو آهي. رام مندرن جي سير تي هنومان جون مورتيون ٺهيل آهن ۽ سچي هندستان ۾ عام آهن. سڄي عقيدي وارا هندو پاڻ ۾ ملڻ وقت ’رام رام‘ ڪندا آهن ۽ رام کي مرڻ وقت بہ ياد ڪيو ويندو آهي.
رامائڻ موجب رام جي جنم بابت ٻہ روايتون آهن:
(1) تريتا يگ ۾ راڪاس يا راڪشش تمام گهڻا پيدا ٿي پيا هئا، جنهنڪري ڌرتيءَ تي ظلم ۽ گناھہ وڌي ويا هئا. ديوتا پنھنجي شڪايت کڻي برهما وٽ حاضر ٿيا. برهما، ڀومي ديويءَ ۽ ديوتائن جي شڪايت کي ٻڌو ۽ ظلم ۽ انياءَ جي خاتمي لاءِ هنن وشنوءَ جي عبادت ڪئي. سندن عبادت کان خوش ٿي وشنو ڀڳوان حاضر ٿيو ۽ سندن عرض ٻُڌي کين وچن ڏنائين تہ هو اچڻ وارو آهي، جيڪو سندن پريشانيءَ کي دور ڪندو ۽ ان جو جنم راجا دسرت جي گهر ۾ ’رام‘ جي نالي سان ٿيندو. اهڙيءَ طرح رام جي جنم جو مقصد، انسانن، حيوانن ۽ ديوتائن جي ڀلائيءَ خاطر ٿيو، جنهن هن ڌرتيءَ تي ڪيترن راڪششن جو انت آڻي، ڌرتيءَ تي امن، آزاديءَ ۽ جياپي کي قائم ڪيو. انهيءَ ڪم ۾ مدد لاءِ شري لڪشمي (جيڪا وشنوءَ جي پتني هئي) پڻ وشنوءَ جي شري رام اوتار وٺڻ کان پوءِ سيتا جي نالي سان اوتار ورتو، جيڪا مٿلا پوريءَ (Mithila) جي راجا جنڪ کي پنھنجي زمين تان لڌي هئي، جنهن کي هن ٻالڪيءَ جي روپ ۾ گود ورتو ۽ کيس ’جانڪي‘ نالو ڏنو. سيتا نالو مٿس مهارشي نارد رکيو هو.
(2) ٻيءَ روايت موجب دسرت کي ٽن راڻين ڪوشليا، ڪيڪئي ۽ سمترا مان ڪو بہ اولاد نہ هو. ان ڪري هن شرنگيءَ رشيءَ جي مدد سان ويدن جي طريقيڪار موجب هڪ وڏو يگيه (صدقو) ڪيو. يگيه جي ختم ٿيڻ کان پوءِ باھہ جي ڪنڊ مان هڪ مهاتيجسوي (تمام گهڻي نور وارو) ديوتا ظاهر ٿيو، جنهن راجا دسرت کي کيرڻيءَ جو لوٽو ڏنو ۽ چيائين تہ ”راڻين کي کيرڻي کارائڻ سان کين گرڀ ٿيندو“، جنهن بعد راجا دسرت کي ڪوشليا مان رام، ڪيڪئيءَ مان ڀرت ۽ سمترا مان لڪشمڻ ۽ شتروگهن ڄاوا. ان وقت راجا دسرت ڪوشل(Kosala) رياست جو مهاراجا هو ۽ سندس راڄڌاني ايوڌيا هئي. ايوڌيا موجودہ وقت ڀارت جي اتر پرديش ۾ اڄ بہ هڪ رياست آهي. هن جي خاندان مان ڪيترا ناليوارا راجا ٿي گذريا آهن، جن مان منو مهراج، اشڪ واڪ، راگهو ۽ ڀگيرٿ اهم آهن. کانئس پوءِ راجا دسرت بہ ناليوارو ۽ هاڪارو راجا ٿي گذريو آهي. سندس خاندان کي خاندان جي وڏي ڏاڏي اشڪ واڪ پويان ’اسڪ واڪ ونش‘ چيو ويندو هو، پر راجا رگهوَ کان پوءِ رُگهو ونس ۽ رگهو ڪُل جي نالي سان بہ مشھور ٿيو. ان ڪري رام جو بہ هڪ نالو ’رگهورام‘ بہ آهي. هن خاندان لاءِ مشھور هو تہ اهي ڪنهن سان بہ قول/ وچن ڪندا هئا تہ ان کي مرڻ گهڙيءَ تائين پاڙيندا ضرور هئا.
شري وشنوءَ جي اوتار رام جي سڃاڻپ سانوري رنگت هئي. رام کي ’آريا پتر‘ يعني ’آريي جو پُٽ‘ بہ چيو وڃي ٿو. رامائڻ ۾ رام ۽ سندس ٽن ڀائرن ۾ هڪٻئي لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ وفاداري ڏيکاري وئي آهي. هي چارئي ڀائر پنھنجي ٽن مائرن سان بہ تمام گهڻو پيار ڪندا هئا، ۽ پيءُ راجا دسرت سان بہ حد درجي جي محبت ڪندا هئا، جڏهن تہ راجا دسرت جو سڀ کان وڌيڪ رام تي راضپو هو.
رام ۽ سندس ڀائرن بنيادي مذهبي تعليم ۽ جنگي فن جي مهارت رشي وشسٽ کان حاصل ڪئي، جنهنڪري اهي مذهب ۽ تعليم ۽ جنگي فن تي عبور رکندا هئا ۽ هر ڪم ڌرم جي اصولن موجب ڪندا هئا. ان وقت وشوامتر جي يگيه (قربانيءَ) ۾ رام کي ڪي ٻہ راڪشش تمام گهڻو تنگ ڪري رهيا هئا، جن کي رام ۽ لڪشمڻ ماري وڌو، ان تي وشوامتر خوش ٿي، کين استرشستر ۽ ’ڌنر وديا‘ (جنگي ۽ جادوئي فن ۽ تير اندازيءَ جي فن) جي سکيا ڏني. انهيءَ وچ ۾ رام ڪيترن راڪششن کي ختم ڪيو ۽ ڌرمي ڪارجن کي سڌاريو. گوتم رشيءَ پنھنجي گهر واريءَ ’اهليا‘ کي سراپ ڏنو، جهنڪري هوءَ پنڊپهڻ ٿي وئي. رام سندس پير ڇهيا تہ ان انساني روپ وٺي مڪتي پاتي. ان وقت مٿلاپوريءَ (Mithila) جي راجا جنڪ وٽ شِوَ جو تمام قديم ڌنش پيو هو، جنهن پرڻ (وچن) ڪيو هو تہ جيڪڏهن ڪو جوڌو هن ڪمان کي کڻي ان سان تير هلائيندو تہ ان کي سيتا جهڙي سندر ناري پنهنجو ور چونڊيندي. مٿلاپوريءَ ۾ سيتا جو سويمبر ملهائجي رهيو هو، جتي هر ملڪ مان راجا مهاراجا آيل هئا. اُنهن سمورن سويمبر جي شرطن مطابق ڪمان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيا. ان منڊليءَ ۾، رام پنھنجي ڀاءُ لڪشمڻ ۽ گرو وشوامتر سان اچي پهتو، ۽ پنھنجي طاقت جي آڌار شِوَ جي وزني ڪمان کڻي ڏوري چاڙهيائين تہ ڪمان زوردار آواز سان ٻن ٽڪرن ۾ ٽُٽي پئي، جنهن بعد سيتا جي رام سان شادي ٿي. ٻئي طرف پرسرام کي خبر پئي تہ سندس گرو شوَ جي ڪمان هڪ ساڌوءَ ڀڃي وڌي آهي، سو رام تي ڪاهي آيو. شرطن ۽ ڳالهين کان پوءِ هن رام کي پنھنجي وزني ڪمان تي زرھہ چاڙهڻ لاءِ چيو. رام اُن ڪمان تي بہ آسانيءَ سان زِهَه چاڙهي ورتي ۽ پرسرام خوش ٿي واپس موٽي ويو. پرسرام کي بہ رام کان اڳ وشنوءَ جو ڇهون اوتار مڃيو ويندو هو.
رام جي شاديءَ کان پوءِ سڀني ڀائرن جون شاديون ڪرايون ويون ۽ راجا دسرت رام کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪيو. ڀرت جي ماءُ ڪيڪئيءَ کي راجا دسرت وچن ڏنو هو تہ هوءَ ضرورت وقت جيڪي طلبيندي، سندس اها خواهش پوري ڪئي ويندي. ڪيڪئي پنھنجي نوڪرياڻيءَ منٿرا جي ڳالهين ۾ اچي پنھنجي پٽ ڀرت کي راجا جو جانشين مقرر ڪرڻ جو سوچي، راجا دسرت کان اهڙو وچن گهريو، جنهن موجب راجا دسرت مجبور ٿي، پنھنجي پياري پٽ رام کي 14 سال بنواس ڏنو. پيءُ جي وچن پاڙڻ لاءِ رام، بنواس (ڏيھہ نيڪاليءَ) کي قبول ڪيو، جنهن کانپوءِ هو پنھنجي ڀاءُ لڪشمڻ ۽ زال سيتا سان گڏ بنواس ڪاٽڻ روانو ٿيو. رام، لڪشمڻ ۽ سيتا جي بنواس وڃڻ کان پوءِ راجا دسرت اُن ڏک ۾ گذاري ويو. رام، گهاٽي ٻيلي ’دنڊڪ‘ ۾ ڪيترن راڪششن کي ختم ڪيو ۽ ڪيترن يوگين، تپسوين ۽ رشين سان صحبتون ڪري روحاني تعليم سان گڏ استر شستر وديا بہ حاصل ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن شور پڻکا نالي هڪ راڪاسڻ بن ۾ آئي ۽ رام تي موهت ٿي پئي، هوءَ اصل ۾ سراوڻ جي ڀيڻ هئي. هن رام کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو، پر رام سيتا کي دوکو ڏئي ساڻس شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري هوءَ سيتا کي مارڻ لاءِ اڳتي وڌي تہ لڪشمڻ سندس ڪن ۽ نڪ ڪپي ڇڏيا، ان بيعزتيءَ تي هوءَ پنھنجي ڀاءُ راوڻ وٽ دانهين وئي. راوڻ بدلو وٺڻ لاءِ آيو، جڏهن رام ۽ لڇمڻ گهر ۾ موجود نہ هئا، تہ چوريءَ سيتا کي اغوا ڪري ويو. رام ۽ لڇمڻ، سيتا کي گهڻو ڳوليو، پر اها کين ڪٿي بہ نہ ملي سگهي. ان وچ ۾ رام جي ڪشڪندا جي باندرن ۽ سندن راجا سُگريي سان دوستي ٿي وئي، جن مان هنومان، رام جو وڏو ڀڳت ۽ سهڪاري ثابت ٿيو. هنومان ۽ سگريي جي خاص ماڻهن سيتا جي ڳولا لاءِ رام سان سهڪار ڪيو. نيٺ هنومان، لنڪا وڃي سيتا کي ڳولي لڌو ۽ رام جون ٻُڌايل نشانيون کيس ٻڌايون، جنهن بعد رام جي مدد لاءِ سمنڊ مٿان پل ٻَڌي وئي ۽ رام، باندرن جي فوج وٺي لنڪا تي ڪاھہ ڪئي. ٻئي پاسي راوڻ جي راڪاسي فوج ۽ سندس پٽ ميگهناد پنھنجي فوج سميت تيار ٿي بيٺو. ٻنهي ڌرين ۾ خوني جنگ ڇڙي پئي، جنهن ۾ راوڻ جو پٽ ميگهناد مارجي ويو، جنهن بعد راوڻ پنھنجي ڀاءُ ڪنڀ ڪرڻ کي رام سان جنگ ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر اهو بہ رام هٿان مارجي ويو. ان کانپوءِ راوڻ جا سمورا جوڌا هڪ هڪ ٿي مارجي ويا. آخر راوڻ جنگ جي ميدان ۾ پاڻ لھي آيو، پر اهو بہ رام جي هٿان آخري انجام تي پهتو. جنگ کان اڳ راوڻ جي ڀاءُ وڀيشڻ، راوڻ کي پرائي زال اغوا ڪرڻ واري ڪڌي ڪم کان روڪيو هو، پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻُڌي هئي ۽ کيس راڄڌانيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو. جنهنڪري وڀيشڻ بہ رام سان اچي مليو. کيس رام جي ڀڳتن ۾ شمار ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جنگ جي سوڀ کان پوءِ سيتا جي اگني پريڪشا (اهڙي رسم جنهن سان عورت جي پاڪائيءَ جي پرک ٿي سگهي) ڪئي وئي. کيس باھہ جي مچ ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو ۽ هوءَ ان امتحان بعد پاڪدامن قرار ڏني وئي. ائين رام جي جلاوطنيءَ جا 14 سال مڪمل ٿيا ۽ ايوڌيا موٽي آيا.
عالمن جنگ جي هن ڪهاڻيءَ کي مذهبي فلسفي کان وڌيڪ بھترين ادبي شهپارو تسليم ڪيو آهي.
ايوڌيا پهچڻ کان پوءِ رام کي ايوڌيا جو راجا مقرر ڪيو ويو ۽ سيتا کي راڄ ماتا يعني راڄ راڻيءَ جو خطاب ڏنو ويو. سندس دؤر حڪومت کي ڌرم جي بقا جو دؤر چيو وڃي ٿو ۽ رامائڻ ۾ کيس عادل، انصاف پسند ۽ امن پسند راجا ڏيکاريو ويو آهي.
هندن ۾ رام سان منسوب ڪيترا ڏهاڙا ملهايا وڃن ٿا، جن ۾ رام جي جنم ۽ شاديءَ جي ڏينهن کي ’رام نومي‘ (چيٽ جي نائين تٿ/ مارچ- اپريل)، وسنت اتسوم (Vasanthothsavam) بھار رُت جي آمد جو ڏينهن، راوڻ سان جنگ ۾ ڪاميابيءَ کي وجئه دشمي (Vijayadashmi)/ دسهڙو (ڏسو: دسهڙو، جلد پنجون) ۽ بنواس ڪاٽي واپس ايوڌيا پهچڻ وارو ڏينهن ڏياري/ ديواليءَ (ڏسو: ڏياري، جلد پنجون) طور ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو