رام سنگهه سوڍو

رام سنگهه سوڍو

رام سنگهہ سوڍو

رام سنگهہ سوڍو: ٿرپارڪر جي نامور سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت، رام سنگهہ سوڍي، 16 جنوري 1945ع تي تعلقي ڏيپلي (ضلعي ٿرپارڪر) جي ڳوٺ آروکيءَ ۾ راڻ سنگهہ سوڍي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد راڻسنگهہ جو شمار ٿر جي مشھور سماجي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. رام سنگهہ سوڍي ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ آروکيءَ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ بي. اي (آنرز) جو امتحان پاس ڪري، جناح لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پيشي جي لحاظ کان وڪيل ٿيو. هن عملي سياست جي شروعات ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر/ ميرپورخاص جي ميمبر جي حيثيت سان ڪئي. هو 1985ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاھہ جو صلاحڪار مقرر ٿيو. 2001ع کان 2005ع تائين ٿرپارڪر جي ضلعي نائب ناظم طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. 2008ع جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان اقليتي سيٽ تي ايم. پي. اي منتخب ٿيو. پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ اقليتي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ نوجوانن جي معاملن ۽ راندين جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن بہ ٿي رهيو آهي.
هن ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود سماجي براين، غلط ريتن رسمن، طبقاتي متڀيد، جھالت ۽ نشي کي ختم ڪرائڻ ۽ برادرين ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ HRDO (هيومن ريسورس ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن) نالي هڪ ادارو بہ قائم ڪيو. جنهن تحت هن مختلف وقتن تي ٿر جا دورا ڪري، ماڻهن کي نشي نہ واپرائڻ، غلط ريتن ۽ پراڻين رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي.
رامسنگهہ سوڍي، سماجي براين ۽ انهن جي منفي اثرن جي پسمنظر ۾ (1) ’نشن جا نقصان‘ (1960ع)، (2) ’جيون جاڳرتا‘ (1995ع)، نالي ٻہ ڪتاب بہ لکيا. سندس ڪيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
2001ع ڌاري سندس پٽ دليپ سنگهہ سوڍو تعليم حاصل ڪرڻ جي ارادي سان هندستان جي رياست گجرات ۾ ويو ۽ اتي آيل شديد زلزلي جو شڪار ٿي ويو. دليپ سنگهہ ذهين ۽ نوجوان ليکڪ هو ۽ هن 17 سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ ’روشن راهون‘ نالي ڪتاب لکيو. رام سنگهہ سوڍي جو ٻيو پٽ گمانسنگهہ سوڍو 2005ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي ڪائونسل جو ميمبر ۽ تعميراتي ڪمن جو ٺيڪيدار رهيو آهي. رام سنگهہ کي دليپ سنگهہ جي وڇوڙي گهائي وڌو هو ۽ سندس طبيعت خراب رهڻ لڳي. 2010ع ڌاري طبيعت جي ناسازيءَ سبب علاج لاءِ هندستان ويو ۽ اتي ئي وڃي رهائش پذير ٿيو. هن سنڌ اسيمبليءَ جي رڪنيت تان 2010ع ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.01.16  عيسوي

رپارڪر جي نامور سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت، رام سنگهه سوڍي، 16 جنوري 1945ع تي تعلقي ڏيپلي (ضلعي ٿرپارڪر) جي ڳوٺ آروکيءَ ۾ راڻ سنگهه سوڍي جي گھر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علاؤالدين قريشي
بھادر خان ڏاهري
پير سعيد حسن
پشپا ولڀ
پرويز احمد کوکر
عثمان عباسي مخدوم
فتح علي جتوئي
علي احمد جمالي
غيرت خان امير
عبدالله مڪاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون