رام گيانچنداڻي: ناليوارو اديب ۽ ليکڪ رام گيانچنداڻي، 18 فبروري 1933ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن ڪيترائي ناٽڪ، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون. هن ڪيترن ئي ناٽڪن جي هدايتڪاري سان گڏ سنگيتڪاري به ڪئي. هن کي موسيقيءَ جي به ڄاڻ هئي. هيءُ بئنسري لاجواب وڄائڻ ڄاڻيندو هو، جنهن سبب وڏي شهرت ماڻيائين. سندس ڪتابن ۾ هڪ ڊرامي جو ڪتاب ’مون کي صرف ڪم کپي‘ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
1933.02.18 عيسوي
ناليوارو اديب ۽ ليکڪ رام گيانچنداڻي، 18 فبروري 1933ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.