رانءِ جھانءِ (رسم): هيءَ هڪ رسم آهي، گهوٽ کي ڏانوڻ ڏائڻ کانپوءِ زالون، رانءِ جھانءِ جو ساٺ ڪنديون آهن. هي ساٺ گهوٽ جي ڀيڻ سان ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڀيڻ نہ هجي تہ پوءِ گهوٽ جي ٻئي ڪنهن ويجهي عزيزياڻيءَ سان ڪنديون آهن. اها مائي ڪلهن تي هٿ رکي بيهندي آهي، پوءِ سندس وات ۾ کارڪ وجهي، کيس پاڻيءَ جو ڍُڪ پيارينديون آهن. کيس اهڙا ست ڍڪ ڀرائبا آهن. هيءَ رسم سنڌ سميت ڪيترن علائقن ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي.