رانئين جهانئين

رانئين جهانئين: هيءَ رسم ماءُ ٻار کي گهر کان ٻئي ڳوٺ ڏانهن کڻي وڃڻ مھل ادا ڪندي آهي. هيءَ رسم تڏهن ادا ڪئي ويندي آهي، جڏهن ڪنهن ٻار جي جهنڊ لاهڻ کان اڳ ماءُ کي ڪنهن عزيز يا مائٽ جي دعوت يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري ٻاهر وڃڻو پوندو آهي تہ ماءُ پنھنجي ٻار کي ڪنهن ڪپڙي ۾ ويڙهي هنج ۾ کڻندي آهي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽي يا ست پٿر کڻندي آهي ۽ رستي تان هلندي چوندي آهي تہ:
رانئين جهانيئن جهنگ ۾،
فلاڻو منهنجي هنج ۾!
ائين چئي هڪ هڪ ڪري پٿر پنھنجي مٿي تان گهوري پٺيان اڇلائيندي ويندي آهي ۽ پوئتي مڙي نہ ڏسندي آهي. ان قسم جي رسم کي ’رانئين جهانئين‘ سڏبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو