رانا/ راڻا: هي لفظ اصل ۾ راجنڪا (Rajank) آهي، جيڪو بگڙي راڻا يا رانا ٿيو آهي. قديم زماني ۾ هي هماليه جي ننڍين رياستن جا راجا هئا ۽ راجپوتن جي اوچيءَ ذات ۾ شمار ٿين ٿا. راڻا اڄ به اوڀر پنجاب ۽ سرائڪي پٽيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ راڻا ۽ ٺڪر سڏجن ٿا. سندن وڏن هتي حڪومت ڪئي هئي. اڄڪلهه هن ذات وارن مان ڪي ٿورا اثر رسوخ وارا آهن، نه ته اڪثر هارپو ۽ ٻيا ننڍا ڪم ڪن ٿا. هاڻي منجهن اهي راجائي گڻ موجود نه رهيا آهن. صرف لوڪ شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻين مان پتو پوي ٿو ته سندن وڏا الهندن جابلو علائقن جا راجا هئا. ڪن پٿرن يا ٽامي جي قديم تختين تي ڪي لکتون ملن ٿيون، جن تي ’راجنڪا‘ لفظ ملي ٿو. ان لاءِ ڊاڪٽر ووجل (Dr. Vogel) چوي ٿو ته قديم سنسڪرت ادب ۾ راجنڪا لفظ نه ٿو ملي. راجا جي لفظ کي بعد ۾ سنسڪرتي ويس ۾ آندو ويو آهي. پراڪرت جو لفظ راجانا (Rajana) هن لفظ کي ڪافي ويجهو آهي، جيڪو ڪن سِڪن تي ٺپيل مليو آهي. ان لاءِ شڪ ٿئي ٿو ته لفظ رانا يا راڻا، راجنڪا ۽ راجانا مان نڪتل آهي. اڳي توڙي هاڻي هندستان ۾ ٻه لفظ، خاص ڌنڌي وارين ذاتين لاءِ خطاب طور استعمال ٿيندا هئا. هڪ ڪورين لاءِ رانا/ راڻا ۽ ٻيو ٺڪر. وڏن زميندارن لاءِ راڻا/ رانا جو خطاب قديم زماني ۾ قبيلائي اڳواڻن لاءِ عمل ۾ ايندو هو، پر پوءِ اهو ڪشمير جي راجائن ۽ چمپا ۽ ٻين رياستن جي راجائن لاءِ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو. ڪشمير ۾ به اهو خطاب وڏن آفيسرن لاءِ پڻ ڪتب اچڻ لڳو.
سنڌ ۾ هي لقب سواءِ ٿر ۽ راجسٿان جي رياستن جي راجائن کان سواءِ ٻين هنڌن تي استعمال ٿيندي نظر نٿو اچي. ويجهي ماضيءَ ۾ راڻا چندر سنگهه ۽ هينئر راڻا همير سنگهه مشهور رهيا آهن. اهي به راجپوت ڪل مان آهن. راڻو نالي طور به ڪم اچي ٿو. شاهه جي رسالي جي هڪ ڪردار جو نالو به راڻو آهي ۽ سنڌي راڳداريءَ ۾ راڻو سُر (ڏسو: راڻو) ڳائجي ٿو.