رانا غونڊائي (Rana Ghundai): سنڌو تهذيب جو هيءُ ماڳ ڊيري غازي خان- لورالائي روڊ تي لورالائيءَ کان اتر ۾ 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هيءُ ماڳ 1927ع ۾ لڌو ويو ۽ ان سال ئي کوٽيو ويو. هي دڙو گهيري ۾ 143.26 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 12.2 ميٽر بلند آهي. ان جي ٻيهر ۽ ٽيهر کوٽائي ترتيبوار 1946ع ۽ 1970ع ۾ ٿي. هتان هڏن جون چهنبون، هڏن جون سيون ۽ نقش ٿيل ٺڪراٺو لڌو آهي. ٺڪراٺي تي ڍڳي جي تصوير ۽ ٻيون جاميٽري جون ڊزائينون موجود آهن. هيءُ ڌاتو پاهڻي دور جو ماڳ آهي. هتان مليل وٿن کي حسار (Hissar) ثقافت جي وٿن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. حسار ثقافت اتر- اڀرندي ايران ۾ 3500 ق. م ۾ موجود هئي. هتان مليل ڳاڙهو ٺڪر سنڌو تهذيب کان ڪجهه اڳ جو آهي.
آر. ڊي-I مرحلي مان ڪلي گل محمد ۽ پيرياڻو الف سان ڀيٽڻ جهڙو، جڏهن ته آر. ڊي-III مان ملندڙ ٺڪراٺو، جاميٽري نقشن وارو مليو آهي. هڪ پيالي تي جانور جي تصوير چٽيل ملي آهي. هتان ڪاري تي ڳاڙهي ڌاءَ وارو سنڌو ماٿريءَ وارو ٺڪر به ملي ٿو. هن دڙي کي ڪل ڇهن دورن ۾ ورهايو ويو آهي.
پهرين دور مان (F) سر جنگل (surjangle) ويئر کان سواءِ لورالائي کهرو ويئر ۽ ڪلي محمد وارو ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي وارو ٺڪراٺو مليو آهي. پهرئين ۽ ٽئين دور مان ڪلي محمد ويئر جنگل کهرو ٺڪر (Jangle course ware) ملڪ ڊراڪ سلپ ويئر (Malik Dark slip) ۽ لورالائي سادو کهرو ٺڪراٺو ملي ٿو. ان کان سواءِ هن مرحلي مان (f) پيرياڻو نقش نگار وارو ٺڪر، جنگل منعقش به ملي ٿو. ’ڊي‘ مرحلي مان گهڻو ٺڪراٺو مليو آهي، جنهن کي هن ماڳ جو ٽيون دور چئجي ٿو. جنگل منعقش (Jangle Painted) وارو ٺڪراٺو هتي گهڻو آهي، پر رانا غونڊائي ڳاڙهي تي ڳاڙهي ليڪ وارو ٺڪر، ڪيچي بيگ ٺڪر، ويٽ ويئر، ميان گونڊائي ڪاري ڪَني (Mian Gundai Dark Rim) ۽ لورائي وارو، ٿلهي ليڪ وارو، ٺڪر به ملي ٿو. سر جنگل ماڳ وارو ٺڪر هن ماڳ جي ٻئي دور ۾ مليو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته پهرئين ۽ ٻئي تهه جو هڪ ٻئي سان گهاٽو سٻنڌ آهي. ’سي‘ مرحلي ۾ گهڻو ٺڪراٺو، پيرياڻو نقش ٿيل ٺڪر سان ملي ٿو. ان کان سواءِ رانا غونڊائي ڳاڙهي تي ڳاڙهي ليڪ وارو ٺڪر، فيض منعقش ٺڪر، ڪوئيٽا ويٽ ويئر، ڪيچي بيگ ويئر (يڪ رنگو) ۽ لورالائيءَ وارو ٺڪراٺو به ملي ٿو.
’بي‘ مرحلي ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نظر نٿي اچي، رڳو رانا غونڊائيءَ جي ڳاڙهي تي ڳاڙهي ڌاءُ واري ٺڪر جو نمونو مليو آهي؛ ممڪن آهي ته پيرياڻي ويئر جو به نمونو شامل هجي. اهي نمونا اسان کي اڳئين ’سي‘ مرحلي جي ٽئين ۽ چوٿين دور ۾ مليا آهن. هتان هن دور مان جيڪي ڪَنا (Rim) يا ڳنيون مليون آهن. سي جهڪر (Jhukar) دور جي ٺڪراٺي جهڙيون آهن. سادي نموني جو ٺڪراٺو اسان جو ڌيان انهن ڪَنن وارن ٿانون ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي هڙاپا ڪلچر واري دور جي ٺڪر جهڙا آهن، اهو ٺڪر صفا مٿاڇري تان به ملي ٿو. سادو ٺڪراٺو ’بي‘ مرحلي يا دور سان ڳنڍيل آهي، ساڳيو ٺڪراٺي جو نمونو اسان کي دبرڪوٽ ۽ دوڪي دڙن مان به مليو آهي. ’اي‘ سطح واري A مرحلي ۾ اسان کي تازين رهتن جا نشان ملن ٿا. ’اي‘ سطح وٽ دڙي سان هٿ چراند ٿيل آهي، پر پوءِ به جهڪر دور جي ٺڪر جا ٻارهن تيرهن نمونا مليا آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته جهڪر وارو ٺڪر گل محمد واري نقشي (Painted) ٺڪر کان ڪجهه آڳاٽو آهي.
گل محمد ويئر اسان کي رڳو ڪوئيٽا ماٿريءَ مان مليو آهي. ان تي کرچيل گولڙن يا چپتري نموني جا مرتب نقش آهن. اهڙو کرچيل ٺڪر اسان کي ’اي‘ ليول مان به مليو آهي. اها به ڌيان ۾ رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته مٿاڇري تان تاريخي دور وارو گول نقشي ٺڪر (Ring- ware) ڦڻي- کرچ (Comb-inside) ٺڪراٺو ۽ رسيءَ وٽ ٺڪراٺو (Rope ware) به مليا آهن.
هتان ملندڙ ٺڪر جو وچور: (1) جنگل کهرو نقشي ٺڪر- دور پهريون (2) جنگل نقشي ٺڪر، دور II، (3) رانا گونڊائي ڳاڙهي تي ڳاڙهي ڌاءَ سان ٺڪر، دور II، (4) پيرياڻو نقشي، دور III الف، (5) لورالائي پٽين وارو ٺڪر، دور- III ث، (6) گل نقشي ٺڪر، دور IV، (7) اڻ- ڄاتو نقشي ٺڪر، دور IV، (8) جهڪر ٺڪر، دور- IV.