رانجهاڻي

رانجهاڻي (ذات): رانجهاڻي ذات نہ آهي، پر مختلف ذاتين جا پاڙا آهن. سنڌ ۾ لُنڊن، مڱڻيجن، لغارين، کوسن، مڱڻهارن ۽ ٻين ذاتين ۾ رانجهاڻي پاڙا آهن، جيڪي سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچي ڳالهائيندا آهن. رانجهاڻي لفظ مان ئي معلوم ٿئي ٿو تہ اهي قبيلي يا ذات جي ڪنهن رانجهي خان/ رانجهو خان/ رانجهن خان جي پٺيان سڏجڻ ۾ آيا آهن. اڄ بہ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف ذاتين ۾ رانجهاڻي پاڙو ملي ٿو. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مرتب خير محمد ٻُرڙي جي لکڻ موجب رانجهاڻي، لغاري ۽ شھاڻي بلوچن جو پاڙو آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو