رانديون (ڪتاب): هي ڪتاب پمون سدارنگاڻيءَ ٻال ساهت، پستڪ نمبر 2 طور ٻالڪن جي ٻاريءَ پاران 1946ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو، هو پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ: ”آئون جڏهن اسڪائوٽر هئس تہ ڪئمپس ۾ مسٽر ايڇ. آر. لعلواڻي، پراونشل سيڪريٽري بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جي رهبريءَ هيٺ رانديون ڪرڻ سکيس، هينئر ٻالڪن جي ٻاريءَ ۾ اڪثر اهي رانديون ٻارن کي سيکارينديو آهيان. دادي پاروتي ۽ ٻين ڪم ڪندڙن جي اتساھہ ڏيارڻ سان هي ڪتاب لکيو اٿم، جو سنڌيءَ ۾ راندين جو پهريون ڪتاب آهي.“
مهاڳ ٻالڪن جي ٻاريءَ جي سيڪريٽريءَ لکيو آهي، ان جي ابتدا ۾ ضروري هدايتون ڏنل آهن ۽ ٻارن کي راندين جا قائدا سيکاريل آهن. ڪرائون سائيز جي 76 صفحن تي مشتل هن ڪتاب جي ڪابہ قيمت لکيل نہ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي ڪتاب ٻارن ۾ مفت ورهايو ويو هوندو.