راند روند ۾ تعليم
راند روند ۾ تعليم
راند روند ۾ تعليم: ڪنڊرگارٽن (Kindergarten) جي طريقي واري تعليم يا مانٽيسوري طريقي جو مدار هن ڳالهه تي آهي ته راند جي ذريعي جيڪا تعليم ٻارن کي ڏني وڃي ٿي، اها وڌيڪ اثرائتي ٿئي ٿي. فروبيل هڪ جرمن شخص هو، جيڪو 1783ع ڌاري پيدا ٿيو. فروبيل جي نظرئي موجب راند ٻارن لاءِ قدرتي مشغلو آهي ۽ فطري صلاحيتن جي اوسر جو بهترين ذريعو آهي. ٻارن جي مشغلي لاءِ سوچ ويچار سان اهڙيون رانديون تيار ڪرڻ گھرجن، جن سان ٻارن جي صلاحيتن جي منظم ۽ صحتمند انداز ۾ واڌويجهه ٿئي. اهڙيءَ طرح ٻار ذاتي سرگرمين وسيلي پنهنجي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجهه ڪن ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان هو اجتماعي زندگي ۾ شريڪ ٿين. فروبيل جي خيال ۾ ٻار جي ذات جي مڪمل واڌ ويجهه لاءِ انفرادي پهلوءَ سان گڏوگڏ سماجي پهلو به تمام ضروري آهي. هن اهو نظريو ان ڪري پيش ڪيو، جو هو پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي اڍنگي رَويي سبب گھر مان نڪري ويندو هو ۽ جھنگ ۾ ڀٽڪندو وتندو هو. ان ڪري سندس ابتدائي تعليم جو ڪو به بندوبست نه ٿي سگھيو، پر پوءِ پنهنجي محنت سان تدريسي طريقن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين ۽ ننڍن ٻارن لاءِ ’ڪنڊرگارٽن‘ نالي سان اسڪول کوليائين، جنهن جي معنيٰ ٻارن جو باغيچو هئي. هن وٽ تعليم جو مقصد فرد کي پرخلوص، بي عيب ۽ پاڪ صاف زندگي گھارڻ جي لائق بنائڻ هو. فروبيل جي نظرئي موجب راند ٻارن لاءِ قدرتي مشغلو آهي ۽ فطري صلاحيتن جي اوسر جو بهترين ذريعو آهي. فروبيل چواڻي انساني ذهن مسلسل وڌي ويجھي ٿو. ان واڌ ويجهه دوران ٻار جون فطري صلاحيتون، جيڪي ٻار جي شخصيت ۾ لڪل هونديون آهن، سي اجاگر ٿين ٿيون. ان ڪري ضروري آهي ته ٻار جي راند جي عمل جي سنڀال ڪئي وڃي ته جيئن لڳاتار اوسر ۾ ڪا خامي رهجي نه وڃي، ڇو ته اها ٻار جي سموري ڄمار تي اثر انداز رهندي. ٻارن لاءِ اهڙيون رانديون تيار ڪرڻ گھرجن، جن سان ٻارن جي صلاحيتن جي منظم ۽ صحتمند انداز ۾ واڌ ويجهه ٿئي. اهڙيءَ طرح ٻار جي ذاتي سرگرمين وسيلي پنهنجي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجھه ٿئي ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان هو اجتماعي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿين. استاد جو ڪم ٻار لاءِ اهڙو سازگار ماحول ۽ سامان مهيا ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ٻار پاڻمرادو پنهنجي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجهه ڪري سگھي. ان واڌويجهه لاءِ ڳري تدريس بدران راند روند کان ڪم ورتو وڃي.
ڪنڊرگارٽن (K.G.) طريقي ۾ اسڪول هڪ اهڙي ماحول جو نالو آهي، جنهن ۾ راند روند جو هلڪو سلڪو وايو منڊل پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪتابن کان به ڪم ورتو وڃي ٿو. مثلاً: گيت، جسماني چرپر ۽ تعميري ڪم وغيره. اهڙيءَ طرح ٻار کي آکاڻي ٻڌائي وڃي ٿي. آکاڻيءَ جا واقعا ٻار گيت جي شڪل ۾ ورجائين ٿا. پوءِ ٻار جسماني چرپر وسيلي ان آکاڻي کي تمثيل جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا. ٻارن لاءِ پنجاهه گيت تيار ڪرايا وڃن ٿا. هر گيت ڪنهن راند جو تفصيلي بيان ڪري ٿو. مثلاً: اک ٻوٽ جو گيت، ڪنهن عملي سرگرميءَ کي بيان ڪري ٿو. ڪاٺ جي ٽڪرن مان گھر ٺاهڻ ٻار جي تعميري صلاحيتن کي وڌائي ٿو. هر گيت ۾ ٻارن لاءِ اخلاقي سبق موجود هوندو آهي، جيئن جسماني تعليم سان گڏوگڏ ٻار جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت به ٿيندي رهي. انهن گيتن کانسواءِ ٻارن جي حواسن جي تربيت لاءِ فروبيل تعليمي رانديڪا تيار ڪيا. اهڙن تعليمي رانديڪن جو تعداد ويهه آهي. هڪڙو رانديڪو ڪاٺ جي هڪ گولي، هڪ مڪعب ۽ هڪ ويلڻ تي مشتمل هوندو آهي. انهن وسيلي ٻارن کي گولي جي خاصيتن، ان جي ضد، مڪعب جي خاصيتن ۽ ٻنهي جي گڏيل خاصيتن رکندڙ ويلڻ کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ رانديڪو رنگدار بالن تي مشتمل آهي، جنهن سان راند ڪندي رنگن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڪجهه رانديڪن ۾ ننڍن ننڍن مڪعبن جي مدد سان ٻار انگي شڪليون ٺاهين ٿا. فروبيل جون ڪجهه سوکڙيون عملي سرگرمين بابت آهن. مثلاً: ڪشيده ڪاري، ڪاغذ ۽ پاٺي جي ٽڪرن مان شيون تيار ڪرڻ، ماڊل تيار ڪرڻ وغيره. استاد جو ڪم اهو آهي ته هو ٻارن جي هٿن ۾ سوکڙيون ڏئي، گيتن وسيلي هر سوکڙيءَ جي تشريح ڪري ۽ ٻارن لاءِ محبت ڀريو ماحول پيدا ڪري ته جيئن ٻار انهن سوکڙين سان پاڻمرادو کيڏڻ لڳي ۽ سندس ڏاڪي وار جسماني ۽ ذهني تربيت ٿيندي وڃي.
مانٽيسوري طريقو: ٻار کي راند ان وقت سيکارڻ گھرجي، جڏهن هو سکڻ لاءِ تيار هجي. مانٽيسوري طريقو ٻار جي واڌ ويجهه ۾ ايندڙ رنڊڪن کي اهڙيءَ طرح دور ڪري ٿو، جو ان جي فطري صلاحيتن جي پاڻ واڌويجهه ٿيندي وڃي ٿي. مانٽيسوري طريقي ۾ اسڪول ٻارن لاءِ هڪ اهڙي گھر مثل ٿئي ٿو، جتي ٻار پنهنجي دلچسپيءَ جي سامان سان راند ڪن ٿا. ان راند ۾ ڪو به ٻاهريون شخص مداخلت نٿو ڪري، پر ٻار پاڻمرادو کيڏندا رهندا آهن. ٻارن جو اهو گھر هڪ وڏي ڪمري ۽ ڪيترن ئي ننڍن ڪمرن تي مشتمل هوندو آهي. وڏي ڪمري ۾ ڪٻٽ هوندا آهن، جن ۾ تعليمي سامان يعني رانديڪا پيل هوندا آهن. ٻارن جي جڏهن دل چوندي آهي تڏهن اهي انهن رانديڪن کي ڪٻٽن مان ڪڍي راند ۾ مشغول ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن سندن مرضي ٿئي ته ٻار ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ ويهي راند ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. اهڙو اسڪول تعليمي ڪمري، تفريحي ڪمري، کاڌي جي ڪمري ۽ غسل خاني طور استعمال ٿئي ٿو. هتي ٻار پاڻ ٿانون ڌوئڻ، ماني لڳائڻ، غسل ڪرڻ ۽ سامان کي ڍنگ سان رکڻ جو ڪم ڪن ٿا. ان ڪم ۾ استاد ٻارن جي رهنمائي ڪري ٿو. هو ٻارن کي صحيح طريقي سان اٿڻ ويهڻ، شيون کڻڻ، رکڻ، هنجڻ ۽ صفائيءَ جو ڍنگ سيکاري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻارن جي عضون ۾ توازن ۽ پختگي پيدا ٿئي ٿي. هن طريقي ۾ ڏسڻ جي سگهه جي تربيت لاءِ مختلف سائيزن جا مڪعب، ڪاٺيون ۽ ويلڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن مان ٻار شين جي ضخامت جو شعور حاصل ڪن ٿا. رنگن جي سڃاڻپ لاءِ بال يا ڍيرا استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڌار ڌار نمونن جي شڪيلن ۾ فرق سمجھڻ لاءِ انگي شڪليون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ان کان ڇهڻ جي سگهه، چکڻ جي سگهه، ٻڌڻ جي سگهه، سُنگھڻ جي سگھه جي تربيت ڪرائي ويندي آهي. ان کانسواءِ مانٽيسوريءَ جي سامان ۾ ڳڻپ سيکارڻ لاءِ بال، فريم ۽ ڊگھي ڏاڪڻ، لکڻ، سيکارڻ لاءِ ڪاغذ جي حرفن کي جوڙڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ٺهيل مختلف لفظ شامل آهن.