رانوتي1

رانوتي1 (ديھہ/ ڳوٺ): تعلقي قنبر ۾ رانوتي ڳوٺ کي ديھہ، تپي، سرڪل ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت حاصل آهي. رانوتي قنبر کان اتر طرف 12 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ جي اولھہ ۾ ڳوٺ الھڏنو چانڊيو ۽ حاصلا، اتر ۾ ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو (تعلقو ميرو خاناوڀر ۾ ميڻا، جنجهہ ۽ ڏکڻ ۾ ڪوٽ غلام شاھہ ۽ پير جو ڳوٺ واقع آهن. روايت آهي تہ ’رانوتي‘ چوپائي مال جي واپارڻ هڪ هندو عورت هئي. هتي سندس مال جا وٿاڻ ۽ اناج جا گدام هوندا هئا. هيءَ عورت غالباً مغلن جي وچئين دؤر ۾ 40-1630ع ڌاري هتي پنھنجي خاندان سميت اچي آباد ٿي. هن جي رهائش کان پوءِ هتي ڪلهوڙا آباد ٿيا. جن کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي زمينون ڏئي ويهاريو. هنن جا وڏا وڏيرو پريل خان ۽ وڏيرو الهيار خان انگريز دؤر جا وڏا زميندار هئا. سندن زمين رانوتيءَ کان هيٺ امام بخش جماليءَ تائين هوندي هئي. ڪلهوڙن کان پوءِ ٻيون ذاتيون آباد ٿيون. هتي انگريزن هڪ قافلا سراءِ بہ ٺهرائي هئي، جتي نہ رڳو انگريز سرڪار جي گشتي ٽيم قيام ڪندي هئي، پر ڏورانهين منزلن کان سفر ڪندڙ شاهي قافلا بہ ڊاٻو ڪندا هئا. انگريز سرڪار لاءِ الڳ رهائش هوندي هئي. هتي هڪ جانورن جو ڍڪ بہ هو، جنهن ۾ سرڪار طرفان هڪ جمعدار مقرر هو. رانوتي روڊ تي انگريزن جا بنگلا ٺهيل آهن، جتي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر رهندا هئا. هنن بنگلن کي عام طور ’رانوتين جا بنگلا‘ سڏيو وڃي ٿو. انگريز دؤر ۾ هتي تعليم جو رجحان پيدا ٿيو. مسلمانن ۾ تعليم جو شعور نہ هجڻ برابر هو. هندو پڙهيل ڳڙهيل هئا ۽ اسڪولن ۾ بہ هندو استاد مقرر هئا. سياسي حوالي سان بہ هي ڳوٺ اوائل ۾ ئي ڪافي ترقي پسند رهيو آهي. تحريڪ پاڪستان ۾ بہ هتان جي ماڻهن جو سٺو ڪردار رهيو. ان وقت هتي مسلم ليگ جو زور هو. وڏيرو غلام محمد ڪلهوڙو ۽ الهيار خان ڪلهوڙو پاڪستان تحريڪ ۾ سرگرم هئا. انگريزن جي دؤر ۾ هن ڳوٺ جا ڪجهہ ماڻهو تلوار هلائڻ جا ماهر ۽ پهلوان هئا. واحد بخش عرف واحد ڏنو ڪلهوڙو، بلوچو خان ڪلهوڙو، ڇٽل خان ڪلهوڙو، سوجهرو خان ڪلهوڙو، عمر خان ڪلهوڙو، گل بيگ خان ڪلهوڙو ۽ صفرالدين ڪلهوڙو سٺا تلوار باز ۽ جانٺا جوان ليکبا هئا. مگسين ۽ چانڊين جي هڪ قبيلائي ويڙھہ ۾ واحد بخش عرف واحد ڏنو ڪلهوڙو وڙهيو هو، جنهن جي جٿي ۾ ڏھہ ماڻهو هئا، پر هن اڪيلي سر مگسين ۽ چانڊين جي ويهارو فردن کي ڪيرائي وڌو هو ۽ طاقتور هئڻ سبب هندن کيس ڳوٺ جو چوڪيدار مقرر ڪيو هو. هن ڪيترا ڀيرا چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڀڄائي ڪڍيو هو. رانوتيءَ ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ رات جو گهٽين ۾ فانوس ٻرندا هئا. باقاعدي سينيٽري سسٽم هوندو هو. هر ستين ڏينهن ڀنگي ايندا هئا. هتي جي هندن جا گهڻو ڪري اَن، سون، منيارڪي ۽ وکر جا دوڪان هوندا هئا ۽ گهرن ۾ سندن عورتون ڀرتن جو ڪم ڪنديون هيون، سندن ٺهيل سنڌي ٽوپيون لوڪان لوڪ مشھور هيون. چمڙي رنڱڻ ۽ جُتين ٺاهڻ جو ڪم بہ ڪندا هئا. فن ۽ ڪلچر جي حوالي کان هن ڳوٺ جي تاريخ سٺي رهي آهي. هتي 1965ع ڌاري اسٽيج ڊرامن جو بنياد پيو. ان وقت جا نوجوان حاجي شمن ڪلهوڙو، حاجي رمضان ڪلهوڙو، دادن هُليو، محبت چانڊيو، ابراهيم ڪلهوڙو، شمس الدين ڪلهوڙو، علي گل ڪلهوڙو ۽ عمر فقير ڪلهوڙو، اسٽيج ڊرامن جا سٺا اداڪار هوندا هئا. ’سھڻي ميهار‘، ’عشق ليلا‘، ’سسئي پنھون‘ ۽ ٻيا ڊراما پيش ٿيا. ولڻ شيخ، گلڻ شيخ ۽ پيرل شيخ ڊرامن ۾ موسيقي ڏيندا هئا. حاجي شمن ۽ حاجي رمضان ليکڪ ۽ هدايتڪار هئا. وريل ڪلهوڙو ۽ علي گل ڪلهوڙو عورتن جا ڪردار ادا ڪندا هئا. مزاحيہ ڪردارن ۾ غلام عمر فقير، محبت چانڊيو ۽ شمن چانڊيو خوب پاڻ موکيندا هئا. راضي شيخ، باغ علي ۽ دلمراد شيخ هتان جا مشھور ڳائڻا هئا، يڪتاري، چپڙي، گهڙي، ڍولڪ ۽ ٻين سازن تي ڳائيندا هئا. فتح محمد شاھہ ڍولڪ نواز هو. دل مراد شيخ وڏو گويو هو. هتي خدا جا ڀلارا ۽ پير فقير بہ پنهنجو وارو وڄائي ويا آهن. انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ مصري شاھہ بخاري وڏو درويش ۽ لوڪ بزرگ هو. سندس مزار موجود آهي، جتي هر سال رمضان جي 5، 6، ۽ 7 تاريخن تي ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو