راني

راني

راني

راني: پاڪستان جي مشھور فلمي اداڪارہ راڻي/ رانيءَ جو اصل نالو ناصره هو، جيڪا 1914ع ڌاري لاهور ۾ ڄائي. سندس والد مشھور ڳائڻي مختار بيگم جو ڊرائيور هو. والد کيس فن جي سکيا لاءِ ننڍپڻ کان ئي مختار بيگم جي حوالي ڪيو. 1962ع ۾ هدايتڪار انور ڪمال پاشا کيس ’راڻي‘ نالو ڏئي پنھنجي فلم ’محبوب‘ ۾ شامل ڪيو، پر اها فلم ڪامياب نہ ٿي، ان کان پوءِ هن ٻين ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪيو. سندس پهرين ڪامياب فلم ’چن مکهنان‘ هئي. ان کان پوءِ سندس ٻيون ڪيتريون ئي فلمون ڪامياب ٿيون، جن ۾: ’ديور ڀاڀي‘، انجمن، امراؤ جان، پياس، سونا چاندي وغيرہ شامل آهن. راني تقريباً 168 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ 103 فلمون اردو ۽ 65 فلمون پنجابي ٻوليءَ جون آهن. سندس آخري فلم ’ڪالا طوفان‘ هئي، جيڪا 1987ع ۾ رليز ٿي. کيس بھترين اداڪاريءَ جي ڪري ٽي ڀيرا نگار اوارڊ مليو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هن پاڪستان ٽيليويزن تي ڊراما بہ ڪيا. سندس مشھور ڊرامن ۾ ’خواهش اور فريب‘ شامل آهي. رانيءَ ٽي شاديون ڪيون. سندس پهرين شادي حسن طارق سان، ٻي شادي فلمساز جاويد قمر سان ۽ ٽين شادي مشھور ڪرڪيٽر سرفراز نواز سان ٿي. رانيءَ 27 مئي 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ رانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو