رانٽو عبدالقادر

رانٽو عبدالقادر

رانٽو عبدالقادر

رانٽو، عبدالقادر: سنڌ جو ناميارو اديب ۽ سياستدان، عبدالقادر رانٽو، 12 فبروري 1950ع تي محمد خان جي گهر، ڳوٺ رانٽا، تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، 1963ع ۾ ٺٽي مان مڊل پاس ڪيائين ۽ غربت سبب اڳتي نہ پڙهي سگهيو. پيٽ گذر لاءِ شروع ۾ هارپو ڪيائين ۽ اڳتي هلي شھيد فاضل راهوءَ جي شخصيت کان متاثر ٿي، سنڌ جي سياست ۾ دلچسپي وٺي، ڪارڪن طور ڪم ڪرڻ لڳو، پر ڪجهہ وقت کان پوءِ نامور سياستدان ۽ دانشور رسول بخش پليجي سان گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻ لڳو. پنھنجي سياسي جدوجھد دوران ڪيترا ڀيرا جيل بہ ويو، جنهن ۾ 1983ع ۾ ضياء الحق جي آمريت خلاف ملڪ ۾ هلندڙ جمهوري جدوجهد، ايم. آر. ڊي تحريڪ ۽ 2005ع ۾ پرويز مشرف جي حڪومت واري دور ۾ عوامي تحريڪ پاران گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين نڪتل لانگ مارچ ۾ پڻ گرفتار ٿيو. هي عوامي تحريڪ جي پليٽفارم تان ڪيترين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي چڪو آهي، جن ۾ ڪالاباغ ڊئم، ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد، دهشتگردي، وڏيرن جي خانگي جيلن کي ختم ڪرڻ، ڪاروڪاري، جرڳا سسٽم سميت چيف جسٽس جي بحاليءَ ۽ بلدياتي نظام خلاف جدوجھد شامل آهن. هي هن وقت تائين هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي اهم عهدن تي رهيو آهي. پريس سيڪريٽري، جنرل سيڪريٽري، نائب صدر، مرڪزي صدر جي حيثيت سان سياسي سرگرمين ۾ مصروف رهيو. اهڙي جدوجھد سبب سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي رنگ نمايان نظر اچي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) سياست جا روپ ٻهروپ (مضمون،تاثرات) (2) ڪرڪو واڪو وس (مضمون، تاثرات) (3) ڏکيا سکيا ڏينهڙا (پهريون ڀاڱو-آتم ڪٿا) شامل آهن. سندس لکڻيون سنڌ جي عملي، ادبي توڙي سياسي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، جن ۾ ماهوار تحريڪ، ڪاپڙي ميگزين، روزاني برسات، خلق، الک، عبرت، جاڳو ۽ سنڌ وغيرہ شامل آهن. قادر رانٽو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پريس ڪلب ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. عبدالقادر رانٽو سنڌي ادب ۾ ’ڏاڏا قادر‘ ۽ ’پورهيت‘ جي نالي سان لکندو رهيو آهي. اڄڪلھہ هو سياسي سرگرمين جي حوالي سان حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.02.12  عيسوي

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ سياستدان، عبدالقادر رانٽو، 12 فبروري 1950ع تي محمد خان جي گهر، ڳوٺ رانٽا، تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قدير شيخ
حمـيـد سـنڌي
عزيز حامد مدني
حميد ڀٽو
جمال رند
پرويش شاهين
رحيمداد مولائي شيدائي
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
خواند مير
ڌڻي بخش مگسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون