رانڪ ميان فضل علي: ضلعي نوابشاھہ ۾ مدفن ميان فضل علي ڪلهوڙو، ميان محمد خان جو فرزند ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڀائٽيو هو. ميان محمد خان جهوڪ جي ميدان تي شاھہ عنايت سان جنگ ۾ حصو ورتو هو. ميان فضل علي ٻين خدمتن کانسواءِ سنڌ جي فوج ۾ اهم عهدي تي فائز رهيو. هن رانڪ جو ذڪر نامور ليکڪ ڊاڪٽر لائق زرداريءَ پنھنجي ڪتاب ’تاريخ ضلع نوابشاھہ‘ ۾ بہ ڪيو آهي.