رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو
رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو: ضلعي نوابشاھہ ۾ مدفن ميان قبول محمد ڪلهوڙو، ڪلهوڙن جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ويجهو درٻاري ٿي گذريو آهي. سندس مزار نوابشاھہ ۾ آهي. هن رانڪ جو ذڪر نامور ليکڪ لائق زرداريءَ پنھنجي ڪتاب ’تاريخ ضلع نوابشاھہ‘ ۾ بہ ڪيو آهي.