رانگڙ (ذات): رانگڙ اڪثر مسلمان راجپوتن جي هڪ ذات آهن. اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر پنجاب جي مسلم راجپوتن کي گهڻي ڀاڱي رانگڙ چيو ويندو آهي. ايس. ايم چنا لکيو آهي ته رانگڙ، مسلمان راجپوت آهن، جيڪي اصل ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جي ميدانن ۾ رهندا هئا. ڪرنل ٽاڊ ڪتاب ’راجستان‘ ۾ رانگڙن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته رانگڙ لفظ ’رانا‘ مان نڪتل آهي. مسٽر ابيٽسن لکي ٿو ته، رانگڙ لفظ پنجاب جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ضلعن جي مسلمان راجپوتن لاءِ حقارت مان ڪم آندو ويندو آهي، جڏهن ته هندو چوهاڻ مسلمان ٿيڻ سان ’چوهاڻ راجپوت‘ سڏبا آهن، پر سندن هندو رشتيدار کين حقارت مان رانگڙ يا چوٽي ڪٽ سڏيندا آهن. سندن رسمون گهڻو ڪري ساڳيون هندواڻيون آهن. هندستان جي جند تعلقي ۾ رانگڙ پاڻ کي فيروز شاهه تغلق جو پونئير سڏائيندا آهن. هي هندن وانگر پنهنجي نيات کان ٻاهر شادي ڪو نه ڪن. ٻانهن ۾ پروهت جو ڏنل ڪارو سڳو ٻَڌندا آهن، دسهڙو زور شور سان ملهائيندا آهن، ان ڏينهن تي پڳڙي ٻڌندا آهن. شاديءَ مهل گهوٽ ’سهرو‘ ٻڌندو آهي. رانگڙ بيوهه عورتن سان شاديون ڪندا آهن. رانگڙ عورت ’ڪرتي‘ پائيندي آهي، مٿي تي چادر ڍڪيندي آهي، جيڪا گهڻو ڪري ڳاڙهي يا نيري هوندي آهي. ڏکڻ اوڀر وارن حصن جا رهاڪو رانگڙ مال جا وڏا چور ليکيا وڃن ٿا، اتي اڄ به ڀُنگ وٺي مال واپس ڪندا آهن. رانگڙ، ’گوگي پير‘ کي مڃين ٿا، پر گهڻن جو اعتماد ’شڪتي ديويءَ‘ ۾ آهي. جيتوڻيڪ هو مسلمان آهن. چوريءَ تي نڪرڻ کان اڳ هو مال جو ڏهون حصو شڪتي ديويءَ کي باسيندا آهن، جنهن کي هو ’ڏاسوند‘ ڪوٺيندا آهن. رانگڙن کي ڀروسي جوڳو نه سمجهندي سندن لاءِ ڪيتريون چوڻيون مروج آهن:
رانگڙ ميت نه ڪيجئي، اي ڪنٿ نادان،
روکا رانگڙ ڌن هاري، راجا هاري پران.
بلهي شاهه جي ڪلام ۾ به ماڻهن کي تنگ ڪندڙ مقامي رانگڙن جو ذڪر موجود آهي، جيئن:
پهلي رنگڙ مار ڪي، پِڇي ڪافر مار!
رانگڙ سنڌ جي حيدرآباد، دادو، ٺٽي، جيڪب آباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ به رهن ٿا، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ پناهگير بنجي هتي اچي آباد ٿيا آهن. رانگڙن جو وڏو حصو پنجاب ۾ رهي ٿو، پر اُهي رانگڙن بدران مختلف ذاتين جا سڏائين ٿا.