راهب شاھہ شيرازي

راهب شاھہ شيرازي: حر تحريڪ جو مشھور ڪردار فقير راهب شاھہ، 1895ع ڌاري ڳوٺ ڀِڙي، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾جنم ورتو. کيس چئن پاڳارن جي عقيدت ۽ زيارت جو شرف حاصل هو، جن ۾ سيد شاھہ مردان شاھہ (اول) ’ڪوٽ ڌڻي‘، سيد صبغة شاھہ ’سورهيه بادشاھہ‘، سيد شاھہ مردان شاھہ (ثاني) ۽ سيد صبغت شاھہ راشدي شامل آهن. سيد راهب شاھہ شيرازي انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ ڪافي عتاب سَٺو. انگريز سرڪار جڏهن 1898ع ۾ سردار محمد يعقوب جي رپورٽ تي حرن کي لوڙهن ۾ قيد ڪيو هو تہ پهريون لوڙهو ڀڙي ڳوٺ ۾ قائم ڪيو هو ۽ راهب شاھہ پهريون شخص هو، جيڪو ٽن سالن جي ٻاروتڻ ۾ ان لوڙهي ۾ قيد ٿيو ۽ ڪيترائي سال ان لوڙهي ۾ رهيو، جنهن بعد سڪرنڊ واري جلالاڻي ڪئمپ لوڙهي ۾ بہ ڪيترا سال قيد رهيو، جنهن بعد هن سورهيه بادشاھہ جي دور ۾ انگريزن خلاف هلايل تحريڪ دوران حر تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ 1942ع ۾ کپري، شھدادپور ۽ آخر ۾ جهول واري لوڙهي ۾ قيد ٿيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو ۽ کيس تڪليفون ڏنيون ويون تہ سورهيه بادشاھہ جي خلاف بيان ڏئي، پر هن سنڌ جي سپوت تڪيلفون تہ برداشت ڪيون، پر پنھنجي مرشد خلاف ڪا بہ شاهدي نہ ڏني. هو وڏو سورهيه ۽ دلير هو. ٽي صديون پنھنجي اکين سان ڏسندڙ راهب شاھہ انگريز سرڪار جا ظلم سٺا ۽ حر تحريڪ جون ڪيتريون يادگيريون قلمبند بہ ڪرايون. هن سڄي زندگي غربت ۾ گذاري، هارپو ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو هو. فقير راهب شاھہ 117 سالن جي ڄمار ۾ 22 جولاءِ 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ راهب شاھہ شيرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2012.07.22  عيسوي

فقير راهب شاهه 117 سالن جي ڄمار ۾ 22 جولاءِ 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد ميان سومرو
ايم ايڇ پنهور
ابڙو اگهام
صوف فقير
ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي
فاروق رند
شفيع محمد ڪرناڻي
سري چند راگهائو
ادا جعفري
ڇٽو ٻلال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون