راهب علي لاڙڪ

راهب علي لاڙڪ

راهب علي لاڙڪ

راهب علي لاڙڪ: نامور محقق، لطيف شناس راهب علي ولد صيفل خان لاڙڪ، 4 جنوري 1967ع تي ڳوٺ کاهي راهو، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آهي. کيس سندس ننڍپڻ کان ئي ادب ڏانهن لاڙو هو. هن لکڻ جي شروعات ڪاليج واري زماني کان ڪئي. راهب لکڻ جي شروعات ريڊيو جي پروگرامن ۾ خطن لکڻ کان ڪئي، بعد ۾ هن جي لاڙو تحقيق طرف ٿيو. هن لطيفات تي ڪافي ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: لطيفي معلومات (سوالن جوابن ۾: 2006ع)، شاھہ جا شيدائي (حصو پهريون: 2016ع)، شاھہ جا شيدائي (حصو ٻيو: 2017ع) ۽ عشق جون ٻوليون (فقير محمد سچل لاڙڪ جو ڪلام: ترتيب: 2018ع) قابل ذڪر آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا مختلف رسالن، تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيل آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ بہ ملي چڪا آهن.


لفظ راهب علي لاڙڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو