راهما (قبيلو/ذات): سنڌ جي قديم ذاتين ۾ شمار ٿيندڙ هن ذات وارا سمن جو پاڙو آهن ۽ اڪثر ڪري ٿر ۾ رهن ٿا. خاص ڪري ڏيپلي تعلقي جي اولھہ ۽ ڏکڻ طرف سندن اڪثريت رهائش پذير آهي. محمد عثمان ’اديب‘ ڏيپلي تعلقي جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ مان جڏهن سمن جي حڪومت وئي ۽ اهي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙ پکڙ ٿيا تہ راهو ۽ لاکو ٻئي سما سردار ٺٽي مان فقير جيئي کي ماري اتان ڀڳا، سي پنهنجا ڪٽنب وٺي اچي لاڙ ۾ علي بندر جي ڀرسان سنهڙي واھہ تي رهيا. راهوءَ مان راهما ۽ لاکي مان لاکيار ذاتيون ٺهيون. ڄام راهوءَ کان پوءِ ڄام هنڱورو ٿيو. ڄام هنڱوري کي ٽي پٽ: مميون، گهريو ۽ صاحب الدين هئا. مميين کي ٻہ پٽ: ڀاڻو ۽ ٻڍو ٿيا. سنهڙو واھہ، جنهن تي هو اچي رهيا هئا، نوتيار جي ملڪيت ۽ سرداريءَ ۾ هو. سمي سردار نوت مان نوتيار ٿيا ۽ سنهڙو نوتيار سندن پڳدار هو. سنهري نوتيار سان مميين راهمونءَ جي ٻن پٽن: ڀاڻي ۽ ٻڍي ۽ ٻن ڀائرن گهري ۽ صاحب الدين جو تڪرار ٿيو، جنهن ويڙھہ ۾ نوتيارن هارايو ۽ سنهڙو نوتيار مارجي ويو ۽ سنهڙي واھہ ۽ انهيءَ جي پسگردائيءَ تي راهمن جو قبضو ٿيو. راهمن اتي ڀرسان راهمڪيءَ جو ڳوٺ ٻَڌايو، جيڪو پوءِ وڌي وڏو شھر ٿي ويو.ٿرپارڪر ۾ راهمن جا ڪيترا مشھور ڳوٺ آهن. ڪيترا پڙهيل لکيل، مختلف نوڪرين، سياست ۽ زراعت سان وابستہ آهن. سياسي اڳواڻ انجنيئر ولي محمد راهمون، عبدالرزاق راهمون ايم. پي. اي، سماجي اڳواڻ علي اڪبر راهمون ۽ ٻيا ڪيترا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هن ذات سان واسطو رکن ٿا.