راهوجو ذوالفقار

راهوجو، ذوالفقار: مشھور نفسياتي ماهر، اديب ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو پهرين جولاءِ 1960ع تي ڳوٺ راهوجا، تعلقي قنبر ۾ حاجي شاھہ محمد راهوجي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ 1976ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر مان، انٽر 1978ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. بي. بي. ايس 1986ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. کيس 1990ع ۾ صحت کاتي ۾ نوڪري ملي، جنهن بعد چانڊڪا اسپتال جي نفسيات شعبي ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيو. 96-1995ع ۾ نفسياتي طب ۾ هڪ سال جي ڊپلوما ٽريننگ ورتائين. ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ڪيترو ئي عرصو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شعبي علم ڪيميا (بايو ڪيمسٽري) ۾ درس تدريس سان لاڳاپيل آهي. هي انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري، مرڪزي نائب صدر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۽ محبت اڪيڊمي قمبر سنا پڻ سلهاڙيل آهي. هن لطيف ادبي اڪيڊميءَ جو بنياد رکيو. جنهن پاران هن ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. ذوالفقار راهوجو، 1983ع ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هلايل تحريڪ ايم. آر. ڊي دوران ساڍا نوَ مهينا سينٽرل جيل سکر ۽ ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي ۾ قيد رهيو. سندس هڪ ڪتاب ’اقليتن جا حق‘ لبرل فورم پاڪستان پاران ڇپيل آهي. هن جو هڪ ناٽڪ ’ڪنڊو‘ ڪي. ٽي. اين تان 2005ع ۾ نشر ٿيو. ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.07.01  عيسوي

مشهور نفسياتي ماهر، اديب ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو پهرين جولاءِ 1960ع تي ڳوٺ راهوجا، تعلقي قنبر ۾ حاجي شاهه محمد راهوجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارشاد علي جلالاڻي صوفي فقير
چارلي چپلن (Charlie Chiplin)
جويو سيف ﷲ ڊاڪٽر
فائزه زهرا مرزا ڊاڪٽر
شيخ محمد اسلم 2
سيد ميران محمد شاھہ مير مهجور ٽکڙائي
بينا1
لعل بخش چنو
امير حيدر شاھہ
فاروق رند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون