راهوجو محبوب رڪ

راهوجو، محبوب رڪ: مشهور ترجمي نگار، محبوب رڪ ولد محمد سومر راهوجو، پهرين مئي 1957ع تي ڳوٺ راهوجا تعلقي قمبر، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ قمبر ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. پي. ٽي. سي 1975ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ گرئجوئيشن 1982ع ۾ پاس ڪئي. 1977ع ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ کان پوءِ 1990ع تي رٽائر ٿيو. ان دوران هن پ. ٽ. الف ۾ 1977ع کان 1987ع تائين ۽ مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن ۾ ڪم ڪيو. هو 1988ع ۾ ڊويزنل صدر ۽ 1990ع ۾ تعلقي قمبر جو جنرل سيڪريٽري رهيو. محبوب راهوجي، 1979ع ڌري ادبي دنيا ۾ پير پاتو. هن 1987ع ۾ روسي ناول ’لوچن سي لهن‘ جو ترجمو ڪري ڇپايو. کيس سنڌيءَ ٻوليءَ بابت هڪ مضمون لکڻ تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان تعريفي سند پڻ ملي. سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.05.01  عيسوي

مشهور ترجمي نگار، محبوب رڪ ولد محمد سومر راهوجو، پهرين مئي 1957ع تي ڳوٺ راهوجا تعلقي قمبر، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارل اسٽين
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)
آمنه سومرو ڊاڪٽر
فيض محمد ميمڻ
سيد علي اڪبر شاهه
آچر فقير
ابوالفتح ٺٽوي
روهن سپي
عالم خان گوپانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون