راهوجو منير گوزائي
راهوجو، منير گوزائي: نامياري ناول نگار منير گوزائيءَ جو پورو نالو ڄام منير احمد ولد سرائي شمس الدين راهوجو آهي. هن 20 جولاءِ 1941ع تي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ حاجي لعل بخش راهوجي ۾ جنم ورتو. ايم. اي اقتصاديات، ايم . اي سياسيات ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين، جڏهن ته پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۽ انٽرنشنل افيئرس ۾ ڊپلوما به ڪيائين. سندس پرائمري تعليم گوزي شهر ۾ ٿي، جنهنڪري هن ’منير گوزائي‘ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو.
منير گوزائي ڏهن ورهين جي عمر کان لکڻ جو آغاز ڪيو، سندس پهريون نظم گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي ’ڦليلي‘ مخزن ۾ شايع ٿيو، انهيءَ مخزن جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر به ٿيو. ڪاليج جي اسٽيج ڊرامن ۾ سيڪريٽري ۽ اداڪار جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين. هن عملي زندگيءَ ۾ استاد، منتظم ۽ وڪيل جي حيثيت سان پاڻ مڃايو. 04 مارچ 1967ع واري شاگرد هلچل ۾ به حصو ورتائين. ايڪانامڪس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو صدر، ينگ لائيرس ايسوسيئيشن حيدرآباد جو باني صدر، شهري اتحاد دادوءَ جو صدر، سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو ميمبر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. منير گوزائي سرڪاري وڪيل طور به سال خدمتون سر انجام ڏنيون.
منير گوزائيءَ جا افسانا ۽ نظم ’بادل‘، ’روح رهاڻ‘ ۽ ’ڪونج‘ رسالن ۽ ڪالم روزاني مهراڻ ۾ ڇپجندا رهيا. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن: (1) ’پانڌي‘ (ٽي ناوليٽ: 1960ع)، (2) ’منهنجي منزل، تنهنجي مرڪ‘ (ناول)، (3) ’چنڊ ڦرين جو گول‘ (2001ع)، (4) ’راهون رت ڦڙا‘ (2003ع). هن سرائيڪي شاعري به ڪئي آهي. ڪجھه وقت پير الاهي بخش لا ڪاليج جو پرنسپال به رهيو آهي. هن وقت دادوءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.
1941.07.20 عيسوي
نامياري ناول نگار منير گوزائيءَ جو پورو نالو ڄام منير احمد ولد سرائي شمس الدين راهوجو آهي. هن 20 جولاءِ 1941ع تي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ حاجي لعل بخش راهوجي ۾ جنم ورتو.