
راهو رتول قبرستان
راهو رتول قبرستان: هيءُ قبرستان 18هين صدي عيسوي جي دور سان تعلق رکي ٿو. قبرستان سڪرنڊ ضلعي نوابشاھہ ۾ سڪرنڊ کان ڏھہ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اتر طرف لڳ ڳوٺ شادي خان چانڊيي ۾ موجود آهي. وچ قبرستان ۾ ’راهو رتول‘ نالي بزرگ جي مزار آهي، جيڪو مغلن جي دور جو هو. هن قبرستان ۾ ميرن جي هڪ جرنيل شادي خان چانڊئي جي مزار آهي، جنهن 1791ع ڌاري شهادت ماڻي، ان کان سواءِ ايم. آر. ڊي تحريڪ جي شھيد پنھل خان چانڊيي کان سواءِ ويجهڙائيءَ ۾ عشقيہ داستان جا بہ ڪردار عابد حسين چانڊيو ۽ شھناز بہ هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. قبرستان ۾ سنگ مرمر ۽ ڪاشيءَ جون خوبصورت قبرون آهن.