راهو گجڻ

راهو گجڻ: هي سميجا قبيلي جي هڪ شاخ آهن. هن شاخ وارا ڇاڇري تعلقي ۾ رهن ٿا. سندن مشھور ڳوٺ جو نالو علڻ آباد آهي. ان کانسواءِ ڪي ڳوٺ کهاڙي ۽ ڪي وري ايٽکاڻ سکپال ۾ بہ آباد آهن. راهو پٽ گجڻ جو شجرو هي آهي: راهو پٽ گجڻ پٽ انڙ پٽ ڪندر پٽ ڪٻر پٽ گهريو پٽ سومرو پٽ ڀاڻو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو