راوت

راوت (ذات): سر ڊينزل ابٽسن لکي ٿو تہ راوت ذات وارا راجپوت ۽ جت قبيلن سان واسطو رکن ٿا. هي دامن ڪوھہ ضلعي ۽ جمنا واديءَ ۾ موجود آهن. راوت ذات وارن کي چنڊيل راجپوتن جو هڪ مڃيل قبيلو بہ سڏيو وڃي ٿو. هي هندستان جي ٽاڪرو علائقن ۽ سنڌ ۾ بہ موجود آهن. هن ذات وارا راٺين سان سڱابندي نہ ڪندا آهن، پر راٺي سندن بيواهن سان شادي ڪندا آهن. راوتن مان ڪيترا ڇنال ۽ راؤ سڏبا آهن. گُڙگائون (ڀارت) جا راوت، جٽ نيات سان واسطو رکندڙ آهن ۽ سندن 8 مکيہ ڳوٺ آهن، جڏهن تہ ٻين ڪيترن ڳوٺن ۾ بہ رهندا آهن. لڌيانا ۾ بہ راوتن جا ڪجهہ ڳوٺ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو