راوت رڻمل راٺوڙ: سنڌ ۾ جيڪي بهادر ۽ سورهيه سردار ٿي گذريا آهن، جن ڏانهن شاهه جي رسالي ۾ اشارا آهن، تن مان رڻمل راٺوڙ پڻ هڪ هو. رڻمل راٺوڙ جا وڏا قديم دؤر جي ڀڙي ’نوهٽي‘ جي کنڊرن ويجھو قديم ڀڙي کان اوڀر طرف هاڪڙي جي ٻنهي ڪپن تي رهندا هئا، جن جا آثار اڄ به موجود آهن، جنهن مان قديم دؤر جا سڪا، مڻڪا ۽ رانديڪا وغيره عام ملن ٿا.
مشهور حسينه مهر عرف مهر راڻِي هن ئي خاندان مان هئي، جنهن جي شاديءَ لاءِ اڙانگا شرط پورا ڪري، هن سان سنڌ جي سورهيه لاکي ڦلاڻيءَ شادي ڪئي هئي. ڪلهوڙا دؤر جي شروع ۾ هيءُ خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، جن مان هڪ خاندان پراڻ کان پار ٻالي راٺوڙ جي ايراضيءَ ۾ ويو ۽ اتي وڃي رهائش پذير ٿيو. ٻيو خاندان نهٽي کانپوءِ جانهيري ڏانهن آيو ۽ اتان پوءِ عمرڪوٽ ڏانهن منتقل ٿيو ۽ اتان پوءِ اتر طرف ايندي ڇور جي پٽ ۾ ڪسل ڪوٽ ۾ اچي رهيو، جتان پوءِ اڀرندي طرف ڊگھڙيءَ واري ايراضيءَ ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو، جن مان ان وقت جو سردار راجا رڻمل به هو، جنهن جي بهادريءَ جا ڪيئي ڪارناما مشهور آهن. هو جتي به ويٺو يا جنهن جوءِ ۾ رهيو، تنهن جاءِ جي اهڙي ته حفاظت ڪيائين، جو سندس جوءِ مان لٽيرا ڪنهن جو ڪک به کڻي نه سگھيا.
رڻمل جي انهيءَ جرئت، همت ۽ بهادريءَ جي ڪري ڪيترا ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي وٽس پناهه وٺندا هئا. هي پنهنجي وقت جو وڏو شاهوڪار ۽ دولتمند هو، جنهن وٽ مال گھڻو هوندو هو. وقت جا سخي ۽ ڏاتار به چارڻن ۽ ڀانن کي مال ئي ڏيندا هئا.
شاهه جي گنج ۾ رڻمل جي تعريف هن طرح ڪئي وئي آهي:
ساچي ٿيان سينگڙي، رڻمل هاٿ ڪري،
وڙهندي سر ويريان، ڪوڏ ڪَسِي سان ڏي.
رڻمل راٺوڙ پنهنجي دؤر جو وڏو جري ۽ بهادر شخص هو، جنهن سڄي حياتي پنهنجي علائقي جي رکوالي ڪئي. روايتن موجب هن جي حياتيءَ کانپوءِ به ڪيترا ڦورو سندس علائقي مان مال ڪاهڻ جي جرئت نه ڪندا هئا. هن جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ جو احترام ڪندي ان علائقي مان مال ڪاهي لنگھڻ به ڏوهه سمجھندا هئا.