راوت رڻمل راٺوڙ: سنڌ ۾ جيڪي بھادر ۽ سورهيه سردار ٿي گذريا آهن، جن ڏانهن شاھہ جي رسالي ۾ اشارا آهن، تن مان رڻمل راٺوڙ پڻ هڪ هو. رڻمل راٺوڙ جا وڏا قديم دؤر جي ڀڙي ’نوهٽي‘ جي کنڊرن ويجهو قديم ڀڙي کان اوڀر طرف هاڪڙي جي ٻنهي ڪپن تي رهندا هئا، جن جا آثار اڄ بہ موجود آهن، جنهن مان قديم دؤر جا سڪا، مڻڪا ۽ رانديڪا وغيرہ عام ملن ٿا.
مشھور حسينہ مھر عرف مھر راڻِي هن ئي خاندان مان هئي، جنهن جي شاديءَ لاءِ اڙانگا شرط پورا ڪري، هن سان سنڌ جي سورهيه لاکي ڦلاڻيءَ شادي ڪئي هئي. ڪلهوڙا دؤر جي شروع ۾ هيءُ خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، جن مان هڪ خاندان پراڻ کان پار ٻالي راٺوڙ جي ايراضيءَ ۾ ويو ۽ اتي وڃي رهائش پذير ٿيو. ٻيو خاندان نهٽي کانپوءِ جانهيري ڏانهن آيو ۽ اتان پوءِ عمرڪوٽ ڏانهن منتقل ٿيو ۽ اتان پوءِ اتر طرف ايندي ڇور جي پٽ ۾ ڪسل ڪوٽ ۾ اچي رهيو، جتان پوءِ اڀرندي طرف ڊگهڙيءَ واري ايراضيءَ ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو، جن مان ان وقت جو سردار راجا رڻمل بہ هو، جنهن جي بهادريءَ جا ڪيئي ڪارناما مشھور آهن. هو جتي بہ ويٺو يا جنهن جوءِ ۾ رهيو، تنهن جاءِ جي اهڙي تہ حفاظت ڪيائين، جو سندس جوءِ مان لٽيرا ڪنهن جو ڪک بہ کڻي نہ سگهيا.
رڻمل جي انهيءَ جرئت، همت ۽ بهادريءَ جي ڪري ڪيترا ماڻهو پري پري کان ڪھي اچي وٽس پناھہ وٺندا هئا. هي پنھنجي وقت جو وڏو شاهوڪار ۽ دولتمند هو، جنهن وٽ مال گهڻو هوندو هو. وقت جا سخي ۽ ڏاتار بہ چارڻن ۽ ڀانن کي مال ئي ڏيندا هئا.
شاھہ جي گنج ۾ رڻمل جي تعريف هن طرح ڪئي وئي آهي:
ساچي ٿيان سينگڙي، رڻمل هاٿ ڪري،
وڙهندي سر ويريان، ڪوڏ ڪَسِي سان ڏي.
رڻمل راٺوڙ پنھنجي دؤر جو وڏو جري ۽ بھادر شخص هو، جنهن سڄي حياتي پنھنجي علائقي جي رکوالي ڪئي. روايتن موجب هن جي حياتيءَ کانپوءِ بہ ڪيترا ڦورو سندس علائقي مان مال ڪاهڻ جي جرئت نہ ڪندا هئا. هن جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ جو احترام ڪندي ان علائقي مان مال ڪاهي لنگهڻ بہ ڏوھہ سمجهندا هئا.