
راورٽي، ميجر هينري جارج
راورٽي، ميجر هينري جارج: ميجر هينري جارج راورٽيءَ جو جنم 31 مئي 1825ع تي ٿيو. سندس والد جو نالو پيٽر راورٽي هو. ميجر راورٽي 1844ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ فوجيءَ جي حيثيت سان ملازم ٿيو. 1863ع ۾ ميجر جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ 1864ع ڌاري سول ملازمت ۾ داخل ٿيو. 1852ع کان 1859ع دوران پنجاب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو. هن ڪجهہ وقت افغانستان ۾ بہ نوڪري ڪئي. ميجر راورٽيءَ کي فارسي ۽ پشتو زبانن تي مهارت حاصل هئي. هن جون پشتو زبان ۾، علم ۽ ادب جي حـوالـي سـان گهڻيـون خدمتـون آهـن. ميجر جارج راورٽيءَ پنھنجي سير سفر ۽ مھم جوئيءَ دوران سنڌو درياھہ جو تمام گهرو اڀياس ڪيو، ان ڏس ۾ هن جو هڪ ڪتاب (Mehran of Sindh & It’s Tributaries) 1892ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ميجر راورٽيءَ سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ تاريخ سميت ٻين موضوعن تي ڪيتري ئي اهم معلومات ڏني آهي. هن سنڌ توڙي پنجاب جي درياهن جي اڳوڻن تاريخي نالن تي بهتر نموني روشني وڌي آهي. ان سلسلي ۾ ميجر راورٽـي، سـنڌو، وهـاٽ/ بجهـاٽ، قديـم چـن آب يا چندر ڀاڳ، راوي/ روايا/ قديم راوتي، بياس/ قديم بپاشا/ وپاشا ۽ ستلج/ ستلاج/ شتلاج، هاڪڙا، واهندا، ساڱرو، چتانگ، سرسوتي، گهگهر ۽ قديم درسوتي‘ درياهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
ميجر جارج راورٽيءَ جي هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ’سنڌ جو مهراڻ‘ نـالـي سـان نـامـور اديـب عـطا مـحمـد ڀنـڀـري ڪـيو آهي، جيـڪـو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيو آهي.
ميجر هينري جارج راورٽيءَ، 22 ربيع الاول 1906ع ڌاري وفات ڪئي.
1825.05.31 عيسوي
ميجر هينري جارج راورٽيءَ جو جنم 31 مئي 1825ع تي ٿيو.