راول شھزادو

راول شھزادو (اونچل ڪوٽ جو شھزادو): مومل راڻي جي مشھور داستان ۾ روايت آهي تہ همير سومري ۽ سندس ساٿين ڳوري ڍنڍ مان روجهه ماريو هو ۽ اتي ئي کيس اونچل ڪوٽ جو شھزادو راول مليو هو، جيڪو تمام ڏتڙيل حالت ۾ هو. راول شھزادي لاءِ چيو ويو آهي تہ ڏاڍو سھڻو سيبتو نوجوان هو، پر ڪاڪ محل کان موٽڻ کانپوءِ هو بيحال ٿي ويو هو. هيءُ همير سومري سان منسوب علائقي هميراڻي جي اولھہ ۾ ’گن‘ واري ايراضيءَ ۾ پنھنجي شھر اونچل ڪوٽ ۾ رهندو هو ۽ مومل جي سونهن بابت ٻڌي مومل کي ماڻڻ نڪتو هو، هن جي زباني ڪاڪ محل جي سونهن وارين سوڍين بابت شاھہ لطيف هي بيت چيو آهي تہ:
جھڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس.
اونچل ڪوٽ جي شھزادي راول تي مومل جي ڪاڪ محل جو طلسم ۽ سوڍين جي سونهن جو جيڪو اثر ٿيو، ان کيس لاهوتي لعل بڻائي ڇڏيو، جنهن جو بيان شاھہ لطيف هيئن ڪيو آهي:
سج سڀاڻي جا ڪري ساميءَ سائي روءِ
اچي ٿي عطر جي منجهان مگٽ بوءِ
سا ڏيکاريائين جوءِ، جئان لاهوتي لعل ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو