راول فقير

راول فقير (شاھہ جو راڳي): روايت آهي تہ سير سفر ڪندي هڪ ڀيري شاھہ لطيف، ٿر جي ڏيپلي واري علائقي ’ويڙهيجهپ‘ ويو، جتي سندس راول فقير درس سان دوستي ٿي وئي. راول فقير سندس معتقد ٿيو، ۽ اڳتي هلي شاھہ جي راڳ جو اڳواڻ بڻيو. هي فقير، ونگي (ڏيپلي جي اتر اولھہ) جو رهاڪو ۽ ذات جو پهوڙ هو. راول فقير، ويڙهي جهپ ۾ شاھہ جي تڪيي تي، هڪ ڄار جي هيٺان چلو ڪڍيو هو، اُتي شاھہ جي راڳ جو بنياد پيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. راول فقير کان پوءِ احمد فقير، اسحاق فقير، اسماعيل فقير، باجيت فقير، شاھہ جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي ۽ هن وقت مٺو فقير اهو منصب سنڀالي ويٺو آهي. هي سمورا فقير، راول فقير جي اولاد مان آهن، جيڪي درس فقير سڏجن ٿا. جن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اُهي سومرا دور جي هڪ بزرگ چرڪس ڌناڻيءَ جي اولاد مان آهن، اهي اڳي ويڙهي جهپ ۾ رهندا هئا، پر هاڻي تياوري ۽ کيتلاريءَ ۾ بہ رهن ٿا.
راول فقير بابت هڪ ٻي روايت بہ منسوب آهي. هڪ ڀيري شاھہ لطيف پنھنجي فقيرن کي هر قسم جي نشي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي، ٻين فقيرن تہ نشو ڇڏي ڏنو، پر راول فقير حقو پيئڻ نہ ڇڏيو ۽ لڪ چوريءَ ۾ پيو پيئندو هو. هڪ دفعي شاھہ لطيف کيس مخاطب ٿي چيو:
ڇڪڻيون ٿو ڇڪئين، پيئڻون ٿو پئين،
ناهي تو تر جيتري، هدايت هِنئين،
جوڳي جاڙ جئين، ڇڏي گس گروءَ جو!
اهو بيت ٻُڌي راول فقير کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ۽ غش ٿي ويو. شاھہ جي ساڻس ڏاڍي محبت هئي. جڏهن راول فقير وفات ڪئي ۽ سندس مڙھہ کنيو پئي ويو، تہ ان وقت چون ٿا شاھہ لطيف، سُر رامڪليءَ جي هيٺين وائي چئي هئي:
راول رهي نہ رات جيڏيون،
منهنجو راول رهي نہ رات!
ڪوھہ ڪرينديس ڪانڌ ري، وهاڻيءَ پرڀات . . .
مٽ نہ معذورين جا، ڪا جا جوڳيءَ ذات . . .
لڳم لاهوتين جو، منجهان ڪينر ڪات . . .
منهنجو راول رهي نہ رات!


لفظ راول فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو