راول فقير (شاهه جو راڳي): روايت آهي ته سير سفر ڪندي هڪ ڀيري شاهه لطيف، ٿر جي ڏيپلي واري علائقي ’ويڙهيجھپ‘ ويو، جتي سندس راول فقير درس سان دوستي ٿي وئي. راول فقير سندس معتقد ٿيو، ۽ اڳتي هلي شاهه جي راڳ جو اڳواڻ بڻيو. هي فقير، ونگي (ڏيپلي جي اتر اولهه) جو رهاڪو ۽ ذات جو پهوڙ هو. راول فقير، ويڙهي جھپ ۾ شاهه جي تڪيي تي، هڪ ڄار جي هيٺان چلو ڪڍيو هو، اُتي شاهه جي راڳ جو بنياد پيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. راول فقير کان پوءِ احمد فقير، اسحاق فقير، اسماعيل فقير، باجيت فقير، شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي ۽ هن وقت مٺو فقير اهو منصب سنڀالي ويٺو آهي. هي سمورا فقير، راول فقير جي اولاد مان آهن، جيڪي درس فقير سڏجن ٿا. جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهي سومرا دور جي هڪ بزرگ چرڪس ڌناڻيءَ جي اولاد مان آهن، اهي اڳي ويڙهي جھپ ۾ رهندا هئا، پر هاڻي تياوري ۽ کيتلاريءَ ۾ به رهن ٿا.
راول فقير بابت هڪ ٻي روايت به منسوب آهي. هڪ ڀيري شاهه لطيف پنهنجي فقيرن کي هر قسم جي نشي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي، ٻين فقيرن ته نشو ڇڏي ڏنو، پر راول فقير حقو پيئڻ نه ڇڏيو ۽ لڪ چوريءَ ۾ پيو پيئندو هو. هڪ دفعي شاهه لطيف کيس مخاطب ٿي چيو:
ڇڪڻيون ٿو ڇڪئين، پيئڻون ٿو پئين،
ناهي تو تر جيتري، هدايت هِنئين،
جوڳي جاڙ جئين، ڇڏي گس گروءَ جو!
اهو بيت ٻُڌي راول فقير کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ۽ غش ٿي ويو. شاهه جي ساڻس ڏاڍي محبت هئي. جڏهن راول فقير وفات ڪئي ۽ سندس مڙهه کنيو پئي ويو، ته ان وقت چون ٿا شاهه لطيف، سُر رامڪليءَ جي هيٺين وائي چئي هئي:
راول رهي نه رات جيڏيون،
منهنجو راول رهي نه رات!
ڪوهه ڪرينديس ڪانڌ ري، وهاڻيءَ پرڀات . . .
مٽ نه معذورين جا، ڪا جا جوڳيءَ ذات . . .
لڳم لاهوتين جو، منجهان ڪينر ڪات . . .
منهنجو راول رهي نه رات!