راوڙ2: جن عربي مورخن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي، تن مان گھڻن راوڙ ۽ اروڙ کي هڪ پئي سمجھيو آهي، جيڪو درست نه آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اروڙ جي قلعي جو بنياد چچ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ رکيو هو، پر ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ هو مري ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ ڏهر سينه ان کي مڪمل ڪرايو ۽ اتي شهر آباد ڪيو، جنهن جو نالو اروڙ رکيائين. ان کان سواءِ اروڙ، اتر سنڌ ۾ موجود روهڙيءَ لڳ اڃا به موجود آهي.
ان جي برعڪس راوڙ هڪ قديم شهر هو ۽ چچ کان اڳ راءِ گھراڻي جي ڏينهن ۾ سنڌ جو تختگاهه هو ۽ چيو وڃي ٿو ته راوڙ هيٺ لاڙ ۾ مهراڻ جي دوآبي واري ٻيٽ اندر هڪ مضبوط حفاظتي قلعو هو. راوڙ جي قلعي ۽ شهر جي صحيح جڳهه جو تعين نه ٿي سگهيو آهي. البت فتحنامي ۾ محمد بن قاسم جي ڏاهر سان لڙائيءَ واري احوال مان ڪنهن حد تائين اهو نتيجو نڪري ٿو ته راوڙ هيٺ لاڙ ۾ مهراڻ جي ڇوڙ واري ايراضيءَ ۾ هو. ان بابت ڪن مؤرخن جا هيٺيان دليل ذڪر جوڳا آهن:
(1) محمد بن قاسم اتر طرف سيوستان (سيوهڻ) ۽ ٻڌيه جي علائقن تي قبضي ڪرڻ بعد موٽي نيرون ڪوٽ ۾ آيو، جنهن لاءِ ڪن حيدرآباد واري جڳهه کي نيرون ڪوٽ قرار ڏنو آهي ۽ ڪن جي خيال ۾ اهو لفظ ’نئين رني ڪوٽ‘ آهي (قديم آئينه سنڌ: شمس الدين ميمڻ). اتان هو سفر ڪري اشبهار جي ٿلهي ڏانهن روانو ٿيو ۽ وڃي راوڙ جي حد سامهون، درياهه جي الهندي ڪناري تي جهم جي گهيڙ وٽان مهراڻ درياهه ٽپي ٻي ڀر پهتو، جيڪو علائقو ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري واري ايراضيءَ ۾ هو.
(2) ٻئي دليل موجب محمد بن قاسم جي تياري ۽ تجويز وقت، لاڙ واري ايراضيءَ جي جتن ۽ ساڪري جي وڏيرن جو ذڪر اچي ٿو.
(3) ڊاڪٽر دائودپوٽي جو گمان آهي ته ’راوڙ‘ موجوده حيدرآباد واري جڳهه تي هو. (هي گمان ٽنڊي الهيار واري راءِ کي ويجهو آهي، جتي راوڙ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ڏاهر شهيد ٿيو هو.)
(4) فتحنامي جي حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته راوڙ هيٺ لاڙ ۾ جھم، ڪوهل (ٺٽي جي اتر اوڀر واري ايراضي) ۽ ساڪري طرف درياهه جي دوآبي ۾ هو. موڙي وال جي راءِ ۾ راوڙ، نيرون ڪوٽ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ هو. (هيءَ روايت به ٽنڊي الهيار واري روايت کي ويجهو آهي.)
(5) هيگ، جنهن مهراڻ جي دوآبي ۽ ان جي قديم شاخن جي ڪافي تحقيق ڪئي آهي، تنهن جي راءِ ۾ راوڙ هيٺ لاڙ ۾ ونگي جي آسپاس اڀرندي ناري جي ڪپ تي برهمڻ آباد کان تقريباً 8 ميل ڏکڻ ۽ نيرون ڪوٽ کان اٽڪل 70 ميل ڏکڻ- اوڀر طرف واقع هو. هي تخمينو فتحنامي جي حوالن جي روشنيءَ ۾ البت قرين قياس آهي.
(6) ڪن خيالن موجب راوڙ جو قلعو غالباً لاڙ ۾ موجود ٺٽي ضلعي جي شاهبندر سب ڊويزن ۽ سابق حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊي الهيار جي حدن ۾ ڪنهن جاءِ تي واقع هو.
(7) ڪن تاريخدانن، رڙيءَ جي کنڊرن کي راوڙ قرار ڏنو آهي. بهرحال راوڙ لاڙ ۾ ڪنهن هنڌ هو، جتي سامونڊي هوائون پهچڻ سبب اتي جي موسم موافق هئي، جنهنڪري ڏاهر گرميءَ جا چار مهينا راوڙ ۾ ترسندو هو.
محمد بن قاسم جي سنڌ تي قبضي وقت به هن شهر کي درياهي رستي تي واقع هئڻ سبب هڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي. برهمڻ آباد تي قبضي بعد جڏهن محمد بن قاسم حڪومت جو نظام پنهنجي هٿ ۾ ورتو، تڏهن توبھ بن دراس کي راوڙ جي قلعي تي مقرر ڪيائين، جيئن انهيءَ جاءِ تي ٻيڙيون تيار رکي ۽ جيڪي ٻيڙيون مٿان يا هيٺان کان اچن وڃن ۽ انهن ۾ جنگي سامان هجي ته حملي وقت راوڙ جي قلعي ۾ کڻي وڃجي. انهيءَ (راوڙ) کان مٿي وارين ٻيڙين جو اختيار ابن زياد العبديءَ کي ڏنو ويو. هن حوالي مان اهو دليل نڪري ٿو ته راوڙ واري سرحد پريان ڪڇ جي سرحد سان لاڳو هئي. راوڙ جو شهر محمد بن قاسم جي قبضي کان تقريباً پنج سؤ ورهيه پوءِ به موجود هو، ڇاڪاڻ ته يعقوبيءَ پنهنجي ڪتاب ’معجم الابدان‘ ۾ 1224- 1228ع ڌاري لکي ٿو ته: ”راوڙ، سنڌ ۾ هڪ وڏو شهر آهي، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو.“ انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ هڪ پهلوي ڪتاب Dina-i-mainog-i-khirad جو فارسي ترجمو موجود آهي، جيڪو 1612ع ۾ ڪيل آهي. ان ۾ راوڙ جو تذڪرو آهي. ممڪن آهي ته هن ڪتاب جو ‘راوڙ’ اصل ۾ ’اروڙ جي هڪ غلط صورت هجي. پر جيڪڏهن اهو نالو ساڳيو زير بحث ’راوڙ‘ آهي ته پوءِ چئبو ته 1612ع ڌاري راوڙ موجود هو. انهيءَ لحاظ سان شايد راوڙ ساڳيو شاهبندر سب ڊويزن وارو قديم ڦٽل شهر ’رڙي‘ هجي، جو مقامي روايتن مطابق ٻه ٽي سؤ ورهيه اڳ برباد ٿيو. انهي آخري دؤر ۾ رڙي جتن جي قبيلي جو مکيه شهر هو، جو شايد کانئن ڪيهرن قرض جي عيوض پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو.