راٺي1: هندن جي ذات آهي، روايت آهي ته هي راٺوڙن جي اوڙڪ مان آهن. هڪ ٻئي حوالي موجب هي تنوار راجپوت نسل مان آهن، راٺي جي معنيٰ آهي زبردستي. هي جت به سڏجن ٿا، روهل ۽ ڌنڪر هن جا ڀائر آهن.
راٺي هندن جا خاص پاڙا آهن: (1) برهائي، (2) بلوترا، (3) چانکڙا، (4) راڪوڙ، (5) گهر حوال، (6) گوئل، (7) منگوال.