راٻاڙي جو دڙو (ماڳ): هيءُ ماڳ عربن جي دؤر کان اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. هي دڙو يونين ڪائونسل قمبر جي ديھہ جاگير- 6 ۾ قنبر شھر کان 20 ڪلوميٽر اولھہ ۾ تعلقي قنبر ۾ واقع آهي. هن ماڳ جو ذڪر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ بہ آيل آهي. بڊام ڍنڍ جي ڪناري تي واقع هيءُ ماڳ قديم تهذيبي ماڳن ۾ اهميت وارو آهي.