راڄن شاهه ماٽائي: سيد راڄ محمد شاهه عرف راڄن شاهه پٽ نور محمد شاهه بخاري، 18 صدي عيسويءَ جي آخر ۾، تعلقي ميرپور ساڪري، ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ ’ماٽي‘ ۾ ڄائو، جنهن جا پڊ، لڌيا واهه لڳ ڏاکڻين پاسي موجود آهن. ڳوٺ ’ماٽي‘ جي نسبت سان هو ’راڄن شاهه ماٽائيءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. دستور موجب مڪتبي تعليم ورتائين ۽ وڏو ٿي والد وانگر فقيري حال ۾ گذاريائين. راڄن شاهه داناءُ شخص ۽ شاعر هو. وڏو سخي ۽ ڪچهرين جو مور هو. تعلقي ساڪريءَ ۾ سندس زمين هئي، جتان ساليانو کيس پنجاهه سٺ خرار ساريون ٿينديون هيون، بٽئيءَ کان پوءِ پنهنجي حصي واريون ساريون ڍڪائي ڇڏيندو هو، ۽ اُهي چانور ڪچهرين ۾ لنگر طور ڪم ايندا هئا. ائين سمورن ديرن جون ساريون خرچ لٿي سال ۾ پوريون ٿي وينديون هيون.
ٽالپر حاڪمن وٽ سندس وڏي عزت هئي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت راڄن شاهه جي عمر 50 سال کن هئي. محب وطن شخص هو. ڄام مهر علي جوکيو، ساڪري جا ڪلمتي سردار ۽ راڄن شاهه، علائقي ۾ مير صاحبن طرفان معتبر ۽ وڏي اختيار وارا سربراهه هئا، ان ڪري انگريزن مٿن سختيون ڪيون ۽ کين ڪوڙن ڪيسن (مقامي هندو واپاري سڄڻ پٽ پريتم جي دڪان کي لڳل کاٽ جي ڪيس ۾) جيل ۾ وڌو. راڄن شاهه جي گرفتاري ڪراچي پوليس جي ليفٽيننٽ ڪئپٽن گيل (Gell) ڪئي، جنهن کان پوءِ مٿس ڪيس هليو. راڄن شاهه تي ڪئپٽن گيل ۽ شاهدن پاران ڏنل بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو تر ۾ وڏي اثر رسوخ وارو آبادگار هو ۽ سندس سفارش تي گهاري واري سرڪاري گدام مان عام ماڻهن کي اَنُ اوڌر تي ملندو هو. هن ڪيس ۾، گهوڙاٻاريءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر ٽي. آر. اسٽوئرٽ شاهه صاحب جي بچاءَ ۾ شاهدي ڏني ۽ مٿس لاڳو ٿيل ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو.
سنڌ جي هن شريف شخص ۽ شاعر تي انگريزن جي سنڌ تي قبضي (1843ع) کانپوءِ ايڏو وڏو ڪوڙو ڪيس هلايو ويو هو، جو ان جي رپورٽ سن 1854ع ۾ پارليامينٽ (لنڊن) جي رڪارڊ طور پڻ شايع ڪئي وئي هئي.
راڄن شاهه ساٿ سنگت وارو هو ۽ يارن دوستن ۽ همعصر سگهڙن ۽ شاعرن سان گڏ سير سفر به ڪندو هو. دُورو ملڪاڻي، نبي بخش پنهوار، شمڻ هُديه ۽ راڄن شاهه هم عمر ۽ همعصر دوست هئا. هڪٻئي جي ڀران بيت چيـائـون. راڄـن شــاهه، سـنڌ جي لـوڪ داسـتانـن: سسـئـي پنهـون ۽ نـوري ڄام تماچيءَ بابت به بيت چيا. سسئي پنهونءَ بابت ٽيهن راتين جا بيت چيائين، جن مان چار بيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جلد ڏهين ۾ درج ڪيا آهن. راڄن شاهه ’سينگار شاعري‘ به ڪئي، جنهن ۾ ڳوريءَ جي ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ بابت بيت به شامل آهن. ان کان سواءِ نبي ڪريمصه جي سينگار شاعريءَ واري اسلوب ۾ به بيت چيائين. ڪجهه واقعاتي ۽ موقعي مهل جا بيت به چيا اٿس. راڄن شاهه ۽ سگهڙ شاعرن جا هڪٻئي جي سامهون چيل بيت به ملن ٿا. اهڙن سگهڙ شاعرن ۾ عثمان گڊو، غلام الله جوکيو، آچار گڊو، اسماعيل ڪاتيار ۽ چوهڙ شامل آهن. هن محبت ۽ ميٺاڄ جا بيت به چيا آهن. هو محبت جي معاملي ۾ وڏي ڳڻ وارو شاعر هو. سندس هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
تنهن کي چوندو ڪير، ته هورين هل حبيب پرين!
لالڻ مَر لاغرض ٿي، ڏئي مٿي پنبڻين پيرَ،
(تون) ڇڏ ڇنڀڻن جي هيرَ، ته ساجن سُکالو لنگهي.
راڄن شاهه 1875ع ڌاري وفات ڪئي. سندس قبر گجي کان گهاري ڏانهن ويندڙ شاهي رستي تي ٿهيمن جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف آهي.