راڄن شاھہ جو ٽڪر

راڄن شاھہ جو ٽڪر (ماڳ): هي اسلامي دؤر سان تعلق رکندڙ مقبرا آهن، جيڪي ديھہ بچل جمالي، تعلقي شاهبندر، ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهن. هنن ٻن مقبرن مان هڪ ۾ محمد جلال جي مزار آهي. ٻيءَ ۾ پير راڄن شاھہ قريشي مدفون آهي. هنن مقبرن جي ڀر ۾ هڪ مسجد بہ تعمير ٿيل آهي. هي مقبرا رانڪن جي صورت آهن. هنن جو ذڪر قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ ڪيو ويو آهي. هي ٻئي مقبرا هن وقت نهايت ئي خستہ حالت ۾ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو