راڄو درويش: راڄو درويش عرف احمد، ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ جو نامور درويش ٿي گذريو آهي. ’مختصر تاريخ گولاڙچي‘ ۾ مولانا محمد رمضان مهيري ڄاڻائي ٿو تہ: ”گولاڙچيءَ کان ٽيھہ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف راڄي درويش جي قبر آهي. درويش راڄي بابت اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ هي درويش شاھہ عبدالڪريم جي اولاد مان آهي، جيڪا ڳالھہ غير مستند آهي، ڇو تہ شاھہ عبدالڪريم بلڙائيءَ جي سڀني پٽن جو تذڪرو سندس ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ احمد يا راڄي نالي سان ڪو بہ اولاد ڄاڻايل نہ آهي. ٻيو هي تہ شاھہ عبدالڪريم جي ولادت 944ھہ/ 1537ع ۾ ٿي آهي ۽ درويش راڄي 979ھہ ۾ وفات ڪئي.“
درويش راڄي بابت ’حديقة الاولياء‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”درويش جو نالو راڄو ۽ سندس ذات دل آهي. هي ٻارهن دفعا حرمين شريفين ۽ 24 دفعا ملتان ويو، هي ڪڏهن بہ هڪ جاءِ تي آرام سان نہ ويٺو. حق جي تلاش ۾ سفر ۾ هوندو هو.“
درويش راڄو ستيو دل مجذوب ۽ واصل بالله هستي هئي. هي هميشہ پيرين ۽ مٿي اگهاڙو پيو گهمندو وتندو هو. هن جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آهن. هن جي وفات 979ھہ/ 1571ع ۾ ٿي، پر ’تحفةالڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ راڄي درويش جي وفات وارو سال 977ھہ/ 1569ع ڄاڻايو آهي. لاڙ جا ماڻهو راڄي درويش تي پاڏن جي باس باسيندا آهن. چون ٿا تہ راڄي درويش کان اڳ سندس موجودہ مقام واري هنڌ شيخ بريءَ جو تڪيو هو، جنهن جي قبر راڄي فقير جي قبر کان ڏکڻ الهندي پاسي آهي. راڄو درويش وڏو پهتل درويش ۽ ڪرامتن جو صاحب هو.