راڄو ليکي: راڄي ليکيءَ جو ڪردار ميان يار محمد جي دور کان شروع ٿئي ٿو. ميان يار محمد جڏهن 1111ھہ/1699ع ۾ اورنگزيب جي پوٽي معزالدين جي معرڪي وقت سنڌ ڇڏي قلات هليو ويو، تڏهن اڪثر سرائي سردار بہ خاموش ٿي ويا هئا، ليڪن ٻہ سال پوءِ 1113ھہ/ 1701ع ۾ راڄو ليکي قلات ويو ۽ ميان کي حالتن کان واقف ڪري واپس سنڌ وٺي آيو. راڄي فقير جي جاکوڙ سان، يار محمد ڪلهوڙي سڄي ڪاڇي تي قبضو ڪيو ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي. راڄو ذات جو ليکي هو. راڄي جي هن خلوص سبب پوءِ ڪلهوڙن جي درٻار ۾ سندس وڏي اهميت ٿي. فوجي مشيرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن ۾ سندس درجو اول نمبر ٿي رهيو. ميان نور محمد جي زماني ۾ بہ سندس ساڳي حيثيت برقرار رهي. نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ دائودپوٽن سان شڪارپور جي معاملي تي، سن 1136ھہ/ 1723ع ۾ معرڪا ٿيا، جن ۾ راڄو ليکي سرگرم ٿي وڙهيو. ميان مرادياب خان کي سن 1170ھہ/ 1757ع ۾ معزول ڪيو ويو. ان بعد ڀائرن ۾ اقتدار جي ويڙھہ شروع ٿي. اڪثر امير امراءَ عطر خان جي طرف ٿيا. ميان غلام شاھہ سنڌ ڇڏي جوڌپور هليو ويو، ان دور ۾ بہ راڄو ليکي هن سان گڏ هو. سن 1173ھہ/ 1759ع ۾ ميان غلام شاھہ سڄيءَ سنڌ جو حاڪم ٿي ويٺو. تڏهن راڄو ليکي هر لحاظ کان ڪلهوڙن جي درٻار تي حاوي ٿي چڪو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور وانگر ليکي قبيلي نئين زماني ۾ بہ پنھنجي امتيازي حيثيت برقرار رکي. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ليکي ۽ ٽالپر قبيلن ۾ تضاد پيدا ٿيندا رهيا. ان کان سواءِ ٽالپرن جي پنھنجي خاندان ۾ بہ ڇڪتاڻ شروع ٿي چڪي هئي، جنهنڪري گهرو ويڙھہ لاءِ سبب پيدا ٿيڻ فطري هو. آخرڪار 1189ھہ/1775ع ۾ مير بھرام خان ۽ سندس پٽ صوبدار خان ڀريءَ درٻار ۾ قتل ٿيا. نتيجي ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي معزول ڪري، محمود خان کي سنڌ جو حاڪم بڻايو ويو. ان وقت ٽالپر پاسي تي رهيا، ان دور ۾ راڄو ليکي واحد بااثر امير ٿي اڀريو. مير بھرام خان جو پٽ مير بجار خان ان دور ۾ حج تان موٽي آيو، تڏهن سنڌ جي حالتن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ان خطرناڪ عرصي ۾ سن 1190ھہ/1776ع ۾ راڄو ليکي فوت ٿيو. ڪلهوڙن جو هي نامور سپھہ سالار 1113ھہ/1701ع کان سرگرم ٿيو. جيڪڏهن ان وقت هن جي عمر ويھہ سال هجي، تڏهن بہ وفات وقت هو 96 سالن جو هوندو. حالتن جي دٻاءَ ۽ وڏيءَ عمر سبب راڄو ليکي طبعي موت مئو. سندس مقبرو گنجي ٽڪر تي آهي. ٻي روايت آهي تہ وفات کانپوءِ هن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان (محمودآباد/موري جي ڀرسان) ۾ دفن ڪيو ويو. ان دور جو تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجو معروف تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ان وقت لکي پورو ڪيو، جڏهن ميان سرفراز سنڌ جوحڪمران هو. سنڌ جي درٻار ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو هو، بعد ۾ جڏهن آخري ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ گهرو جنگ شروع ٿي تہ مير قانع بلڪل خاموش ٿي ويو. ڪلهوڙن جو زوال ٿيو ۽ ٽالپر حڪومت ۾ آيا، تڏهن بہ مير علي شير ان بابت ڪجهه بہ نہ لکيو. ان پسمنظر ۾ ليکي- ٽالپر تضاد ۽ ڇڪتاڻ بابت ڪا قطعي راءِ ڏئي نہ ٿي سگهجي.
ڪلهوڙا حاڪميت جي خاتمي کانپوءِ ليکي خاندان ملتان طرف ’ليه‘ جي شھر طرف لڏي ويو، اڄ بہ هن خاندان جي باقيات اتي آباد آهي.