راڄڙ (ذات): راڄڙ سماٽ نسل مان آهن. سندن شجري بابت ٻه روايتون ملن ٿيون. ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘ (ڊاڪٽر غلام علي الانا) ۾ سندن شجرو هن ريت ڄاڻايل آهي ته: ”راڄڙ ولد ڏيرو ولد ٿيٻو ولد انڙ ولد سمون ولد رائڌڻ“، جڏهن ته محقق معمور يوسفاڻيءَ، مشهور شاعر منٺار فقير جي روايت مطابق: ”راڄڙ ولد جکرو ولد جيهو ولد جوڻو ولد هوٿي ولد انڙ ولد سمون ولد رائڌڻ“ ڄاڻايو آهي.
ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا موجب هي انڙ پٽ سمي، هوٿي پٽ انڙ ۽ پتڙ پٽ ڀنسين پٽ ڏهر جو اولاد آهن.
راڄڙ سنڌ جي آڳاٽي ذات آهن، خاص طور ڄامشوري ضلعي ۾ هن ذات وارن جي وڏي آبادي رهائش پذير آهي. راڄڙن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندن ڏاهري قبيلي سان به واسطو آهي. ان کانسواءِ سانگهڙ ضلعي ۾ به راڄڙن جو وڏو تعداد رهي ٿو ۽ سندن ڪيترا ڳوٺ آهن. شاعرن مان کاڻي راڄڙ جو منٺار فقير راڄڙ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.
راڄڙن جون هيٺيون نکون آهن: (1) ٻنڀا، (2) کارڪ، (3) ڪوراڙ، (4) ڪهر، (5) ڀاڻو، (6) ڪاڪا، (7) لهڻيجا، (8) خانجا، (9) ڌاريجا، (10) سرميجا، (11) رامجا، (12) عاليجا، (13) باجيد، (14) اگھم، (15) راڄپار، (16) ڏهر، (17) ابو پوٽا، (18) تڳاچي، (19) ڌيرڻ، (20) ڪِڻ، (22) ساهيو، (23) بيڍاڻي، (24) ڪومونجا ۽ (25) پاتو وغيره.
هن ذات جي باجيد نک مان اميد علي ولد مدد علي راڄڙ مشهور سپوت ٿي گذريو آهي، جنهن گندرن جي سُوءِ لهرائي هئي. راڄڙ قبيلي جا اڪثر ڳوٺ بدين، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگھڙ، خيرپور ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ آهن.