
راڄڙ منٺار فقير
راڄڙ، منٺار فقير: مشھور عوامي ۽ صوفي شاعر فقير منٺار ولد قبول محمد راڄڙ، ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ 1865ع ۾ جنم ورتو. منٺار فقير راڄڙ ننڍپڻ کان وٺي فقيريءَ ڏانهن مائل هو. هن جا وڏا غوث الحق مخدوم نوح سرور جا مريد هئا ۽ فقير منٺار پڻ مخدوم نوح جي تيرهين سجادہ نشين مخدوم محمد امين پکن ڌڻيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي. اهڙيءَ ريت هن هڪ سچي طالب ۽ سچي فقير جو رتبو حاصل ڪري ورتو. مرشد جي وفات کانپوءِ بيحد اداس ٿي پيو ۽ زندگي گهڻي بيچينيءَ سان گذارڻ لڳو. هڪ رات پنھنجي مرشد کي خواب ۾ ڏٺائين تہ پاڻ کيس هٿ ڏنو اٿن ۽ مرشد کيس چوي پيو تہ ’تو کي پڙهايون ٿا ۽ تون پڙھہ‘. پوءِ پاڻ لکيل اکرن تي آڱر رکندو پڙهندو ويو. ان خواب کانپوءِ کيس پاڻمرادو شاعريءَ جي ڏات ملي. اهڙيءَ طرح ان ڪيفيت ۾ سفر تي نڪري پيو ۽ مسلسل ڏھہ سال سفر ۾ گذاريائين. ان دوران سنڌ ۾ ڪيترين ولين ۽ بزرگن سان صحبتون ڪرڻ سان گڏ ملتان ۽ اجمير شريف تائين ڪيترن بزرگن وٽ حاضريون ڏنائين. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي درگاھہ تي بہ سندس اڪثر وڃڻ ٿيندو هو.
منٺار فقير جا ڪيترائي قصا ۽ واقعا مشھور آهن. منٺار فقير جو ڪلام ’رسالو مرتضائي‘، ’رسالو خدائي‘ ۽ ’رسالو رهنمائيءَ‘ جي عنوانن سان ٽن ڀاڱن ۾، 1927ع، 1928ع، 1929ع ۾ ڇپيو هو، جن مان ’رسالو مرتضائي‘ سن 1928ع ۾ ٻيراڻيءَ جي صوفي سيٺين جمعتراءِ پٽ راءِ صاحب نارائڻداس ۽ پرتاب راءِ پٽ شامداس ڇپرايو هو. جنهن ۾ منٺار فقير جي مداحن، مرثين، ذڪر ماتام جي زارين، شهداءِ ڪربلا جي تعريف وارو ڪلام شامل هو. ’رسالي رهنمائي‘ ۾ منٺار فقير جا ڏهر، ڪافيون، مولود، لوليون ۽ صداناما شامل آهن. هي بہ 1929ع ۾ صوفي پرتاب راءِ پٽ شامنداس ڇپايو هو، جيڪي ٻئي ڪتاب ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ ’منٺار فقير جو ڪلام‘ فقير ولي بخش، گڏيل نموني پڻ ڇپرايو هو.
منٺار فقير، قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. کيس هڪ فرزند جو اولاد ٿيو، جنهن جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ درگاھہ جو انتظام سندس ٻن پوٽن فقير ولي بخش ۽ قبول محمد سنڀاليو. هن انهن جي تربيت ڪئي. فقير ولي بخش جي حيات ۽ شاعريءَ تي ’پرين تنھنجي پياس ۾‘ عنوان سان ڪتاب پڻ ڇپيل آهي.
منٺار فقير 16 جنوري 1935ع تي وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ميلي جي موقعي تي اڪثر ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ناميارا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا آهن. هن ڪانفرنس ۾ سروري خاندان مان مخدوم امين فھيم ۽ مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ بہ اڪثر شرڪت ڪندا رهندا آهن.
منٺار فقير جو ڪلام گهڻو تڻو مداحن، مولودن، مرثين، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
ٿلھہ:
تون سردار ڏاتار سخي نام تنهنجو،
آءٌ مڱڻهار پينار آهيان مدام تنهنجو،
تون امين چڱو دين ڏيڻ ڪام تنهنجو،
يا حبيب ڪر نصيب سو اسلام تنهنجو،
هي منٺار هردار پنيار تنهنجو،
سو ڀٽ ڀان گهري دان ٿيو نئون انعام تنهنجو.
1935.01.16 عيسوي
منٺار فقير 16 جنوري 1935ع تي وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ميلي جي موقعي تي اڪثر ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ناميارا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا آهن.