راڄ ڳڙهه قلعو

راڄ ڳڙهه قلعو

راڄ ڳڙهه قلعو

راڄ ڳڙهه قلعو

راڄ ڳڙھہ قلعو

راڄ ڳڙھہ قلعو (ماڳ): راڄ ڳڙھہ جو قلعو هندستان جي رياست مهاراشٽر جي ضلعي پوني ۾ آهي. هي قلعو پوني شھر کان اٽڪل 24 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مرامديو دونگال‘ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. هي قلعو پوني جي ڏکڻ اولھہ ۾ آهي. عام طور تي اهو پڻ چيو وڃي ٿو تہ ’مرمديو‘ مراٺيءَ جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو آهي، جڏهن تہ مهاراجا ڇتر پتي شيواجي 26 سال لاڳيتو حڪمراني ڪئي تہ مرامديو کي گاديءَ جو هنڌ بڻايائين، جنهن کانپوءِ مهاراجا ڇتر پتي شيواجي، راءِ ڳڙھہ ۾ وڃي رهيو ۽ اُتي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيائين. قلعي سان لڳو لڳ هڪ ننڍڙو ڪوٽ پڻ آهي، جنهن کي تورانا ڪوٽ سڏجي ٿو، جنهن مان شيواجيءَ جي دور جو وڏو خزانو هٿ لڳو آهي. هي قلعو 40 ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ آهي. راڄ ڳڙھہ جو قلعو جاگرافيائي لحاظ کان ۽ قلعي بنديءَ جي حساب کان چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هي قلعو هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن جي بلندي سامونڊي سطح کان 1318 ميٽر آهي. قلعي جا ٽي حصا، جيڪي مٿانهان پَٽ آهن، تن کي مَچي (Machee) چئجي ٿو. اُهي ٽي پدماوتي مَچي (Padmavati Machee)، سنجيواني مچي (Sanjeevani Machee) ۽ سويلا مچي (Suvela Machee) آهن، جڏهن تہ قلعي جو چوٿون حصو مرڪزي حصو آهي، جنهن کي بئلي قلعا (Bale Killa) چئجي ٿو.
ڏکڻ طرف وارو حصو پدماوتي مچي آهي، جنهن ۾ پدماوتيءَ جو مندر/ مينار پدماوتي ڍنڍ، چور دروازا، پالي دروازا، گنجاوتي دروازا، دارو ڪوٺار، راج واد، غود ٽيل، صدر آفيس، ڍالڪٿي ۽ هڪڙي سماڌي آهي. سماڌي مهاراجا ڇترپتي شيواجيءَ جي پهرين زال سئبائيءَ جي آهي. هن حصي ۾ دارو ڪوٺار هٿيار ۽ بارود رکڻ لاءِ تھہ خانو آهي، جڏهن تہ ڍال ڪٿي اُهو حصو آهي، جتي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو هو ۽ راڄواد ڪنهن عمارت جا ڦِٽل کنڊر آهن. سنجيواني مچي، قلعي جو ڏکڻ اولھہ وارو حصو آهي. هن حصي جي ديوار مضبوط ۽ ٽن تھن يا پردين واري آهي. مطلب تہ حفاظت لاءِ قلعي جو هي پاسو ٽن مرحليوار ديوارن سان جڙيل آهي، جيڪي ترتيبوار هڪٻئي کان مٿانهون آهن. هتي دروازي سان گڏ هڪڙو بُرج يا مورچو بہ جڙيل آهي، جيڪو پنھنجي نوعيت ۾ آزاد آهي. ٽن پردين وارين ديوارن وچ ۾ حفاظتي اُپاءَ وٺندي 12 فوٽ گهريون خندقون کوٽيون ويون آهن، جيڪي حملي آورن جي اوچتن حملن جو وڏو بچاءُ ڪنديون هيون.
سُويلا مچي قلعي جو ڏکڻ اوڀر وارو حصو آهي. قلعي جو هي حصو ڪيترن ئي ڳجهن رستن ۽ دروازن سان ڀريل آهي. هي حصو ٻن تھن يا ڏاڪن وارو حصو يا مٿانهون پٽ آهي، جيڪو هڪ لنگهہ واري مورچي سان الڳ ٿيل آهي. هن حصي جو پهريون تھہ ٽڪريءَ جو پَٽ آهي، جنهن کان پوءِ ٽڪريءَ کي ڪٿي هڪڙي سرنگهہ يا لنگهہ ٺاهيو ويو آهي. هن حصي جي ديوار پڻ ٻہ پردي آهي. سويلا مِچيءَ جو آخري ڏاکڻو حصو ٽِڪنڊو آهي، جتي هڪ وڏو مورچو جُڙيل آهي. هن مورچي کي ڪليسواري بُرج ڪوٺجي ٿو. هن برج جي ڀرسان هڪڙو ڀڄي نڪرڻ يا فرار ٿيڻ جو چور دروازو پڻ آهي. هن حصي ۾ ان دور جي ناليواري سپھہ سالار ’تنا جي مالو سريواس‘ جو گهر بہ آهي.
بئلي قلعو (Bale Killa) راڄ ڳڙھہ جو تمام مٿانهون ۽ مرڪزي حصو آهي، جنهن ۾ ڪجهہ محل ٺهيل آهن ۽ ڪجهہ حوض ۽ غارون آهن. هن حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مرڪزي دروازو آهي، جنهن کي مهاديو دروازو ڪوٺجي ٿو. بئلي قلعي تان سموري راڄ ڳڙھہ جو نظارو ڪري سگهجي ٿو.
جيمس ڊوگلس، پنھنجي ڪتاب Book of Bombay ۾ لکي ٿو تہ راڄ ڳڙھہ ۽ تورانا ٻئي تمام مٿانهينءَ جاءِ تي ٺاهيل قلعا آهن، جيڪي سولائيءَ سان فتح ڪري نٿا سگهجن. اهي شيواجيءَ جي دؤر سلطنت ۾ ٺهيا، جنهن پنھنجي دؤر ۾ ٻيا قلعا ۽ عمارتون جوڙايون.
راڄ ڳڙھہ قلعي سان ڪيترا تاريخي واقعا لاڳاپيل آهن، جن ۾ راجا رام جو جنم، شيواجيءَ جي راڻي سئبائيءَ جو مرڻو، يا وري بلي قلعي جي مهاديو دروازي وارين ديوارين ۾ افضل خان جو سر دفن ڪرڻ وغيرہ.
راڄ ڳڙھہ مهاراجا شيواجيءَ ٻن رياستن جي معاهدي تحت 1965ع ۾ سنڀاليو، جڏهن ٻيا يارنهن قلعا کيس راجپوت راجا جئہ سنگهہ ڏنا هئا. راجا جئہ سنگهہ مغل شهنشاهيت جو سپھہ سالار هو. ٻن رياستن واري معاهدي تحت ٻيا 22 قلعا پڻ مختلف راجائن حوالي ڪيا ويا هئا.
تاريخ جي مختلف دورن ۾ هي قلعو مختلف ماڻهن جي قبضي هيٺ آيو، جيئن احمد بحري نجم شاھہ، عادل شاھہ، شنڪر جي نارائڻ، گنا جي ساونت ۽ مغل شهنشاهن جي قبضي هيٺ آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو