
راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
راڌا ڪرشنا، ڊاڪٽر: ڀارت جو اڳوڻو صدر راڌا ڪرشنا، 5 سيپٽمبر 1888ع تي هڪ تيليگو برهمڻ جي گهراڻي ۾ ڀارت ۾ ڄائو. سندس والدين ڏاڍا غريب هئا، هن کي جرمنن جي پرچارڪ پادري اسڪول ۾ موڪليو ويو، جتي سندس استادن هندو ڌرم تي جيڪا تنقيد ڪئي، ان هن کي اتساهيو تہ هو پنھنجي ڌرم جو ڀرپور اڀياس ڪري ۽ ان جو دفاع ڪري. 1909ع کان 1917ع تائين مدراس ريزيڊنسي ڪاليج ۾ فلسفي جو استاد ٿي رهيو، جڏهن رابندر ناٿ ٽئگورکي 1913ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز مليو تہ هن ٽئگور جو فلسفو نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن سان کيس وڏي شھرت ملي. 1921ع کان 1931ع تائين هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو موضوع پڙهايو ۽ ٻن جلدن ۾ پنهنجو ڪتاب ’هندستاني فلسفو‘ لکيائين. هن ئي سال کيس ’سر‘ جو لقب ڏنو ويو. 1931ع کان وٺي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ٽي سال پڻ پڙهايائين.
ڊاڪٽر راڌا ڪرشنا، آل انڊيا اسيمبليءَ جو ميمبر هو. هن هندستان جو پهريون آئين ٺاهيو. هي انڊيا جي وفد جو يونيسڪو لاءِ سربراھہ پڻ ٿي رهيو. کيس روس ۾ بہ سفير مقرر ڪيو ويو، جتي هن اسٽالن کي انجيل جا ڪجهه حصا ٻڌايا، جن ۾ چيو ويو هو تہ ”انسان کي جيڪڏهن ساري دنيا ملي وڃي ۽ هو پنهنجو روح وڃائي ويهي تہ کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو؟“ اسٽالن جيڪو دينيات جو شاگرد ٿي رهيو هو، ان اهو جملو اڳئي ٻڌو هو. راڌا ڪرشنا جو هندستاني سياست جي باري ۾ مشھور قول آهي تہ: ”بدترين گنھگار کي بہ هڪ مستقبل آهي، جيئن هڪ وڏي ۾ وڏي سنت کي ماضي آهي.“ هن ٽئگور جي فلسفي ۽ هندي فلسفي کانسواءِ هيٺيان ڪتاب پڻ لکيا هئا: (1) ڀڳوت گيتا، (2) اپنشدن تي ٽيڪا، (3) آتم ڪٿا: ’منهنجي سچ لاءِ ڳولا‘(My search for truth).
راڌا ڪرشنا جو قول آهي تہ غريبي انسان جي آتما لاءِ چڱي آهي، پر جيڪڏهن اها رضاڪارانه اختيار ڪئي وڃي.
1888.09.05 عيسوي
ڀارت جو اڳوڻو صدر راڌا ڪرشنا، 5 سيپٽمبر 1888ع تي هڪ تيليگو برهمڻ جي گھراڻي ۾ ڀارت ۾ ڄائو.