راڌڻ1 (شھر): راڌڻ شهر، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جو هڪ اهم شھر آهي. هن شھر جي آبادي پنجاھہ هزار کان مٿي آهي. هتي لاڙڪاڻو-ڪوٽڙي ريلوي لائين تي ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا انگريزن جي زماني ۾ ڪوٽڙي ۽ سکر جي وچ ۾ اهم ريلوي اسٽيشن هوندي هئي، جنهنڪري هتي انگريزن جا ڪيترا رهائشي بنگلا پڻ هوندا هئا. هي شھر گهڻو وقت اڳ جو آباد ٿيل معلوم ٿئي ٿو. هتي بوائز ۽ گرلس ڪاليج، بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول، اسپتال، بجليءَ وغيرہ جون سهولتون موجود آهن.
مرزا قليچ جڏهن ٿرڙي محبت جو مختيارڪار هو تہ هو راڌڻ جي اسٽيشن ماسٽر سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو، ۽ اتي ئي سندس انگريز اسٽيشن ماسٽر جي ڌيءُ ’ايليس‘ سان سندس ملاقات ٿي هئي ۽ سندن شادي طئي بہ ٿي وئي هئي، پر لاهور جي بشپ شادي عيسائي مذهب مطابق ڪرڻ جو شرط وڌو، جيڪو مرزا قليچ بيگ قبول نہ ڪيو ۽ هيءَ شادي عمل ۾ اچي نہ سگهي. مشھور عوامي شاعر دادن فقير آخري عمر ۾ راڌڻ ۾ رهيو ۽ سندس مزار پڻ راڌڻ شھر جي قبرستان ۾ آهي. راڌڻ ۾ ناميارا سياستڪار عبدالخالق جوڻيجو ۽ امر جوڻيجو رهن ٿا، جڏهن تہ مشھور اديب آزاد قاضي، فلمي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر خميسو جانوري (مرحوم)، نوجوان شاعر معصوم بخاري ۽ عوامي ڳائڻو سلطان فقير سولنگي بہ هن شھر جا آهن.