
راکي ڳڙهيِ

راکي ڳڙهيِ
راکي ڳڙهيِ (ماڳ): موهن جي دڙي جو سهيوڳي ۽ ساڳيا انگ رکندڙ هيءُ ماڳ هندوستان جي پرڳڻي هرياڻا جي ضلعي حسارا جي ڳوٺ راکي ڳڙهيءَ ۾ آهي. هي ماڳ وڃايل سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي آباد چيو وڃي ٿو. هيءُ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا کان پوءِ سنڌو تھذيب جو وڏو ماڳ ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن کي ريمنڊ بريجيت آلچن ۽ جي. ايم. ڪناير نالي آثارِ قديمہ جي ماهرن ڳولي ۽ کوٽي روشناس ڪرايو. هي ماڳ 224 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. کوٽائيءَ کان پوءِ ٽي تھہ مليا آهن، جيڪي موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تھذيب جي اوائلي دؤر (Early Hardapan)، اوج واري دؤر (Mature Hardapan) ۽ پوءِ جي دؤر (Post Hardapan) سان واسطو رکن ٿا. هتان هاڪڙي دؤر جي ٿانون جو وڏو تعداد ملي ٿو، جن جو واسطو سنڌو تھذيب جي اوائلي دؤر سان آهي. انهيءَ هاڪڙا ٺڪر سان گڏ سنڌو تھذيب جي اوج وارو (Mature) ٺڪراٺو بہ مليو آهي. ’اوئلي ۽ اوج‘ واري دؤر ۾ 500 سالن جي وٿي نظر اچي ٿي، جڏهن تہ هاڪڙا ٿانون واري دؤر جي ماڻهو کي سنڌو تھذيب جي اوائلي اڏيندڙن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، انهي دؤر جو زمانو 3000 ق. م کان 2500 ق. م ڪٿيو ويو آهي. راکي ڳڙهي ماڳ 1963ع ۾ سروي ڪيو ويو هو، جڏهن تہ 1967ع ۾ ان جي کوٽائي ٿي. هي ماڳ سرسوتي نديءَ جي هڪ ڇاڙھہ درشدوتيءَ جي ڪناري آباد هو. ماڳ تان ٻين وٿن سان گڏ مڇي مارڻ جا ڄار ۽ ڪلوئڙا مليا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا تہ درشدواڻي ڇاڙھہ ڀرسان ئي وهندي هئي. اهو بہ اندازو ڪيو پيو وڃي تہ هن شھر جا رهواسي ڀرپاسي وارن علائقن سان ٻيڙين ذريعي واپار ڪندا هئا. ماڳ جي کوٽائيءَ دوران اهڙا نوادرات هٿ آيا آهن، جن کي سنڌو تھذيب جي مليل ٻين نوادرات سان ڀيٽي سگهجي ٿو. کوٽائيءَ دوران 1.92 ميٽرن جا ويڪرا رستا، حوض ۽ ناليون مليون آهن. گهرن جي ديوارن سان ڪي کڏون ملن ٿيون، جن لاءِ اندازو آهي تہ اهي کڏون جن تي باھہ ٻارڻ جا ڪارا نشان موجود آهن، سي ڪن مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ کوٽيون ويون هونديون. گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ ناليون پڪين سرن جون ٺهيل آهن، اهي ناليون حوضن سان ملن ٿيون. نالين ذريعي گهرن مان ڪنو پاڻي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.
ان کانسواءِ ٻيا نوادرات بہ مليا آهن، جن ۾ ٺڪر جون مورتيون، وَٽَ، ڪنجهي جون شيون، ڦڻيون، سپيون ۽ ٺڪر جون مهرون شامل آهن. هڪ ڪنجهي جو ٿانءُ بہ مليو آهي، جنهن تي سون ۽ چاندي جي جڙاوت جا نشان مليا آهن. سونارن جي بٺي بہ ملي آهي، جتي سون ۽ ڪن پٿرن کي اجاريو ۽ چمڪايو ويندو هو. هڪ هنڌ تي قبرستان مليو آهي، جنهن مان 11 هاٺيون لڌيون ويون آهن. قبرن ۾ مُردن سان گڏ زيور ۽ ٿانو ٿپا پوريل نظر اچن ٿا. ڪن مُردن جي ٻانهن ۾ چوڙا پيل آهن. ڪن مُردن جي مٿن وٽ جواهرات پيل مليا آهن. سنڌو تھذيب جو هيءُ ماڳ هندستان توڙي عظيم سنڌو سلطنت ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.